Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

اوهان ٻڌو، اتي گهٽ ۾ گهٽ آواز ته هو پر ڪهڙو نرالو شان آهي جو جتي ظاهر طور ڪو آواز پيدا ئي نه ٿئي، آواز جون لهرون به نه بڻجن، الفاظ به نه هجن، اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تڏهن به ٻڌي به وٺندا آهن ۽ سمجهي به وٺندا آهن.

  ابوداؤد شريف جي حديث پاڪ آهي، حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا: غزوه خيبر جو موقعو هو، هڪ غير مسلم عورت هڪ ڀُڃيل ٻڪري بارگاههِ رسالت ۾ تحفي طور پيش ڪئي، پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو تحفو قبول فرمايو، ان ڀُڃيل ٻڪري جي هڪ ٽنگ مبارڪ کڻي کائڻ لڳا، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان به گوشت کائڻ شروع ڪيو، اڃان هڪ اڌ لقمو ئي کاڌو هو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني کي کاڌي کان منع فرمايو، پوءِ ان غير مسلم عورت کي گهرايو ۽ پڇيو: ڇا تو ان گوشت ۾ زهر ملايو آهي؟ ان چيو: هائو!زهر ته ملايو آهي پر اها ڳالهه اوهان کي ڪنهن ٻڌائي؟ عظيم سماعتن واري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: اَخْبَرَتْنِیْ ھٰذِہٖ فِیْ یَدِیْ هي ڀُڃيل ٻڪري جي ٽنگ  جيڪا منهنجي هٿ ۾ آهي، مون کي هن ٻڌايو آهي.  ([1])

    الله اڪبر!غور فرمايو!ٻڪري زندهه ناهي، ذبح ڪيل بلڪ ذبح کان بعد پچي ڪري ڀُڃجي چڪي آهي، هاڻي هن مان آواز ڪيئن ايندو؟ هن ۾ الفاظ ڪٿان ايندا؟ پر اهو سماعتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي ظاهر طور آواز ناهي، ڪو لفظ به ناهي، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ڀڃيل ٻڪري جي ٽنگ جي ڳالهه ٻڌي به ورتي ۽ ان کي سمجهي به ورتو.

دُور و نزدیک کے سُننے والے وہ کان                   کانِ لعلِ کرامت پہ لاکھوں سلام([2])

وضاحت: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڪَن مُبارڪ جيڪي درحقيقت عزّت جا موتي، عظمت ۽ شان جا هيرا ۽ جواہرات جي کاڻ آهن، جهڙي طرح قريب


 

 



[1]...ابو داؤد،کتاب الدیات ،باب فیمن سقی رجلا،صفحہ: 711 ،حدیث:4510 ۔

[2]...حدائقِ بخشش،صفحہ:300۔