Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

مسجدون ٺاهي چڪي آهي * علم دين جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ هزارين مدرسة المدينه قائم ڪري چڪي آهي * لکين حافظ، قاري، امام، مبلغ، معلّم، عالم و مفتي تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ اصلاحِ امت ۽ ڪردار سازي جو ڪم جاري آهي، لکن جا لک عاشقان رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ (اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون) هن مقصد مونکي پنهنجي ۽ ساري دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشس ڪرڻي آهي جي حاصلات جي ڪوشش ۾ لڳل آهن * متعدد دارُالافتاء اهل سنّت قائم ٿي چڪا آهن، جتي مفتيان ڪرام اُمّت جي شرعي رهنمائي ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن * المدينةُ العلميه (Islamic Research Center) ۾ مختلف موضوعن تي بي شمار ديني ڪتاب  ڇپجي چڪا آھن  * فيضانِ آن لائن اڪيڊمي (بوائز ۽ گرلز) قائم آھي جنھن جي ذريعي آن لائن عالم ڪورس، قرآن پاڪ حفظ ڪرايو ويندو ۽ ناظره پڙھايو ويندو آھي، ماڻھن کي گھر ويٺي علمِ دين جي روشني پڄائي پئي وڃي * انگلش ميڊيم اسلامڪ اسڪولنگ سسٽم بنام دارُ المدينه جي ذريعي ھزارين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ديني تعليم حاصل ڪري رھيا آھن * مدني چينل جي ذريعي 6 وڏي سيٽلائٽس تي اُردو، انگلش ۽ بنگله زبانن ۾ دين جي خوب خدمت ڪئي پئي وڃي * شعبي FGRF جي ذريعي فلاحي ۽ سماجي خدمتن جو سلسلو به جاري آھي ۽ پياري آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏکويل امت جي مختلف مشڪل وقتن ۾ 26 لک گھراڻن جي مدد ڪئي وئي، هنن حالتن ۾ بالخصوص ٿيليسيميا ( Thalassemia)۽ بالعموم ٻين مرضن ۾ رت جون ٿيليون (Blood Bags) جمع ڪرڻ جو اھڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو ويو جنھن جو مثال نٿو ملي۔ اچو!سڀ گڏجي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيون۔

اِنْ شَآءَ اللہ الْڪَريْم!13 نومبر 2022ع آچر ڏينھن ٽيلي ٿون (چندو/ Donation جمع ڪرڻ جي مھم) جو سلسلو ٿيندو، پاڪستاني ڪرنسي جي مطابق 1 يونٽ 10 ھزار روپئي جو ھوندو، توھان به مدرسةُ المدينه ۽ جامعة