Book Name:Jism e Pak Ke Mojzat

الله اڪبر!صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جهڙا عظيم عاشقِ رسول ۽ شوقِ ديدار جي تڙپ...!! حضرت ابنِ مَسلَمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ڪجھ دير خاموش رھيا، ۽ وري فرمايائون: اي  مصعب بن عمير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ هيئن ڪيو!اوھان اسان جي سامهون حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي حسن مبارڪ جو ذڪر ڪيو!حليو مبارڪ بيان فرمايو!

سبحٰن الله!هاڻي ٿورو صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جا عشق ڀريا، ايمان افروز انداز ڏسو!

حضرت مصعب بن عمير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جيڪي ديني درس ڏئي رهيا هئا، پاڻ گوڏن ڀر (يعني نماز ۾ جيئن التحيات ۾ ويهندا آهيون، ائين) ويهي رھيا، پنهنجو مٿو جھڪائي اکيون بند ڪيائين ڄڻ ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو تصور ڪري حليو مبارڪ پنهنجي ذھن ۾ آڻي رھيا ھجن. پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پنهنجو مٿو کنيو ۽ فرمايائون: سڀني حسينن کان وڌيڪ حسين آقا، امامُ الانبياء، محبوبِ خدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو رنگ مبارڪ سفيد آهي، هن ۾ هلڪي هلڪي ڳاڙهاڻ جو خوبصورت ميلاپ آھي. اکيون مبارڪ وڏيون ۽ تمام خوبصورت آھن، مبارڪ ڀِرون(ايتريون قريب آهن جو پري کان ڏسڻ ۾ لڳي ٿو ڄڻ ته) مليل آھن، ڏاڙھي مبارڪ گھاٽي آھي، سينو مبارڪ ڪشادو، ڳچي مبارڪ جيئن چاندي جي گھُگھي... پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جڏھن ھلندا آهن ته ائين لڳندو آهي ڄڻ  پاڻ مٿاھين کان ھيٺ اچي رهيا آهن، جڏھن پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن جي طرف رخ ڪندا آهن ته مڪمل طور تي متوجھ ٿيندا آھن، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي چهري مبارڪ تي پگھر مبارڪ جا قطرا ائين لڳندا آهن جيئن سفيد موتي، قد مبارڪ نه تمام ننڍو، نه تمام وڏو (بلڪ درميانو آهي)، پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سڀ کان وڌيڪ سخي ۽ سڀ کان وڌيڪ بهادر آھن. سڀني کان وڌيڪ سچار، واعدو نڀائڻ وارا، طبيعت ۾ تمام نرم ۽ رهڻي ڪهڻي  ۾ سڀ کان ڀلا آھن، مون سرڪار مدينه