Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

لهڻ آسان ناهي. معاملو واقعي تمام ڏکيو آهي.

   ٿورو تصور ته ڪيو! جيئن ڪپھ جي ڍير ۾ ڪنڊن واري ٽاري رکي ڪري اوچتو جهٽڪي سان ڇڪي وڃي، ائين ئي اسان جي جسم مان روح ڇڪيو ويندو، اسان جي جسم جو هر حصو درد ۽ تڪليف ۾ هوندو، تڪليف به ڪهڙي..؟ هڪ هزار تلوارن جي وارَ کان وڌيڪ سخت...!!  پوءِ ان بيوسي جي حالت ۾ اسان جو ڪو حال به پڇڻ وارو نه هوندو، اسان جا  * ماءُ پيءُ، * اولاد،
* ڀيڻ ڀاءُ، * عزيز رشتيدار، * اسان جا ناز نخرا کڻڻ وارا مٿن کان بيٺا هوندا، * ڪوبه اسان جي مدد نه ڪري سگهندو، *  سڀ ڏسندا ئي رهجي ويندا، * اسان ڪنهن کي پنهنجو ڏکُ به بيان نه ڪري سگهنداسين، هاءِ! اسان جي چؤطرف رڙيون ۽ دانهون ٿي رهيون هونديون ۽ اسان ڪنهن سان ڳالهائي به نه سگهنداسين، * اسان جو مال، اسان جي دولت، * اسان جو بينڪ بيلنس،
 
* اسان جون ڪارون، * اسان جا گهر، * اسان جا بنگلا، * اسان جي طاقت ۽ قوت، * اسان جو عهدو ۽ منصب، * اسان جون ڊگريون سڀ ڪجھ ائين بيڪار رهجي ويندو، * اسان جي جسم تي ويڙهيل ڪپڙا به لاٿا ويندا، * خالي ڪفن پارايو ويندو، *   پوءِ اسان جا چاهڻ وارا، * ناز نخرا کڻڻ وارا،
*پاڻ پنهنجي ڪلهن تي کڻي ڪري سوڙهي ۽ اونداهي قبر ۾ ليٽائي،* پنهنجي هٿن سان مٽي جا مَڻ وجهي ڪري واپس موٽي ايندا، * اسان انهن جي قدمن جو آواز ٻڌي رهيا هونداسين پر انهن کي پڪاري نه سگهنداسين، افسوس! *   هي تڪليف اهڙي تڪليف جو پهريان ڪڏهن به نه پهتي هوندي،
* هيءَ تنهائي، اسان اهڙي تنهائي پهريان نه ڏٺي هوندي، * هي وحشت جو اهڙي وحشت اسان ڪڏهن نه ڏٺي هوندي، صرف هيستائين بَس ناهي...!! * اڃان هي صدمن تي صدما گذري ئي رهيا هوندا، * نئين گهر ۾ اڃان اچي ڪجھ ترسيا ئي نه هونداسين، * اڃان ان اڪيلائي جي عادت به نه ٿي هوندي، * روح نڪرڻ