Book Name:Qabar Ka Muamla Aasan Nahi

*  مان اڳتي وڌيس ته رت جي هڪ نهر ڏٺم جيڪا ديڳڙي جيان اُٻري رهي هئي، ان ۾ بي لباس ماڻهو هئا ۽ نهر(شاخ) جي ڪنارن تي ملائڪ پنهنجي هٿن ۾ مٽيءَ جا ڀِتَر کنيو بيٺا هئا جيڪو به نهر مان ٻاهر ڏسي پيو ته هُو ان کي ڀِتَر هڻن پيا جنهن سان اهو واپس نهر ۾ ڪِرندو ايستائين جو ان جي تَري ۾ پهچي وڃي پيو، مون پڇيو: هي ڪير آهن؟ ملائڪن چيو: اڳتي هلو * مان اڳتي وڌيس ته هڪ گهر ڏٺو جنهن جو هيٺيون حصو مٿين حصي کان وڌيڪ سوڙهو هو، ان ۾ به بي لباس ماڻهو هئا جن جي هيٺان باھ ڀڙڪي رهي هئي ۽ ايتري ڌپَ اچي رهي هئي جو مون ان کان بچڻ جي لاءِ پنهنجو نڪ پڪڙيو ۽ پڇيو: هي ڪير آهن؟ ملائڪن چيو: اڳتي تشريف وٺي هلو. * اڳتي وڌيس ته ڏٺو ته هڪ ڪاري ڍيرَ تي ڪجھ چريا ماڻهو آهن ۽ انهن جي پوئين مقام ۾ باھ ڦوڪي وڃي رهي آهي جيڪا انهن جي وات، نڪ، اکين ۽ ڪنن مان نڪري رهي آهي، مون پڇيو: هي ڪير ماڻهو آهن؟ مون کي چيو ويو. اڳتي هلو.  * مان اڳتي وڌيس ته باھ سان ڀريل هڪ زمين جي اندر قيدخانو ڏٺو جنهن تي هڪ ملائڪ مقرر هو، ان باھ مان جيڪو به نڪرندو هو ملائڪ ان جي پٺيان ويندو هو ايستائين جو ان کي واپس اتي ئي وجهي ڇڏيندو هو.

   آخر ۾ مون کي انهن تمام هولناڪ منظرن جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته اهو (پهريون) شخص جنهن جو مٿو پٿر سان چٿريو پئي ويو جو دماغ هڪ پاسي ۽ پٿر ٻئي پاسي تِرڪي پئي ويو، هي اهو آهي جيڪو عشاء جي نماز نه پڙهندو هو ۽ ٻيون نمازون وقت ٽاري ڪري پڙهندو هو ان کي جهنّم ۾ وڌو وڃڻ تائين ائين ئي ماريو ويندو ۽ اهو (ٻيو شخص) جنهن جون ڄاڙيون لوھي شِيخَ سان چيريون پئي ويون هي انهن ماڻهن جو عذاب آهي جيڪي مسلمانن جي درميان فساد ڦهلائيندا ۽ چغلخوري ڪندا هئا، انهن کي به هي عذاب مسلسل ٿيندو رهندو ايستائين جو جهنّم ۾ وڌا ويندا ۽ اهو (ٽيون منظر جتي تو بي لباس ماڻهن کي ڏٺو اهي) بي لباس ماڻهو بدڪار هئا ۽ جيڪا ڌپَ اچي رهي هئي اها انهن جي شرم