Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
آهي؟ وضو ناهي سکيو ڇا ان جي باري ۾ فڪرمند آهيون؟ ماڻهو امام صاحب کان بلڪل بنيادي سوال پڇي رهيا هوندا آهن * وضو ۾ گُرڙي ڪرڻ وسري وئي هئي وضو ٿيو يا نه ؟ * نماز جي ٽين رڪعت ۾ غلطي سان ويهي رهيس ان جي باري ۾ ڪهڙو حڪم آهي؟ * سورت فاتحه ۾ ڀُلَجي ويو هيس هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ * روزي ۾ سُرمو پاتو هو، روزو ٿيو يا ٽُٽي پيو، ماڻهو اهڙي قسم جا سوال امام صاحب کان ڪري رهيا هوندا آهن پر دڪان جي باري ۾ سوال ڪير ڪندو؟ ڪاروباري مشڪلات متعلق سوال ڪير ڪندو؟ اهڙا سوال امام صاحب کان ناهن ڪيا ويندا، اسان جو اهو ذهن ٺهي ويو آهي ته دين صرف نماز، روزو، حج ۽ زڪوات جو نالو آهي، ها اهو سچ آهي * نماز دين جو ٿنبو آهي * روزو دين جو بنيادي رڪن آهي * حج دين جو بنيادي رڪن آهي * زڪوات دين جو بنيادي رڪن آهي دين بس ايتري تائين محدود آهي ايئن بلڪل به نه آهي دين حاڪم آهي * اسان جي ذات جي مٿان به حاڪم آهي * اسان جي دڪان مٿان به حاڪم آهي * اسان جي گھر تي به حاڪم آهي * اسان جي ڪارخاني تي به حاڪم آهي هر جڳهه ۽ هر معاملي ۾ دين جو ئي حڪم هلندو. الله تعالى فرمائي ٿو :
اِنِ الْحُكْمُ اِلَّا لِلّٰهِؕ- (پارہ:12، سورۂ یوسف:40)
ترجموڪنزالعرفان: حڪم ته صرف الله جو آهي
حڪم الله پاڪ جو هلندو، ان جي پياري حبيب حضرت محمد مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ جو هلندو. لهٰذا اسان کي اهي احڪام سکڻ گھرجن ان سان گڏوگڏ * مال ڪيئن خرچ ڪرڻو آهي * ڪهڙي جڳهه تي خرچ ڪرڻو آهي اهو به سکڻو پوندو ته * مال ڪٿي خرچ ڪرڻ فرض آهي؟ * ڪٿي خرچ ڪرڻ واجب آهي؟ * ڪٿي خرچ ڪرڻ حرام آهي؟ مختلف صورتون آهن اهو سڀ