Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
ڪجهه به اسان کي سکڻو آهي جيڪو شخص اهي احڪام سکي وٺندو آهي ۽ الله کان خوف رکندي انهن جي مطابق عمل ڪندو آهي پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ فرمايو: فَهَذَا بِاَ فْضَلِ المَنَازِلِ اهڙو شخص افضل رتبي وارو آهي.
احکامِ شَرْع پر مجھے دے دے عمل کا شوق پیکر خلوص کا بنا یاربِّ مصطَفٰے!([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مالدار عالمِ دين جو ذڪرِ خير
حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ تمام وڏا عالم ۽ مُحدث ٿي گذريا آهن، جن کي پنهنجي دور جا وڏا وڏا علماء ”عالمِ مشرِق ۽ مغرِب“ چوندا هئا. الله پاڪ کين مال به تمام گهڻو عطا ڪيو هو، لکين درهم ته اُهي هئا جيڪي پاڻ ساليانو صدقي ۾ ڏيندا هئا. سندن تجارتي قافلا وڏن وڏن ملڪن ڏانهن ويندا هئا. ڪتابن ۾ لکيل آهي ته اُن وقت جي بادشاهه وٽ به اها شان ۽ شوڪت نه هئي جيڪا حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ وٽ هئي. پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ جيڪو فرمايو: مالدار عالم افضل رتبي وارو آهي، حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ ان جو هڪ وڏو مثال آهن.
پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ تمام وڏا واپاري هئا، ظاهر آهي ته ڪيترائي ملازم به رکيا هوندائون سندن عادت مبارڪ هئي ته جيڪڏهن سندن ڪو ملازم سودو وڪڻڻ وقت درود پاڪ پڙهندو هو ته پاڻ اُن سودي جي ڪمائي استعمال نه ڪندا هئا. فرمائيندا هئا: توهان الله پاڪ جي رضا لاءِ نه، پر پنهنجي سامان جي تعريف لاءِ درود شريف پڙهيو ۽ خريد ڪندڙ سودي جي خوبي ڏسي ڪري نه بلڪه توهان