Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

33 دفعا سُبْحٰنَ اللہ!   ۽ 33  دفعا اَلحَمۡدُلله! پڙهندا ڪيو..... !! ([1])

رِشڪ ڪنهن تي ڪيون؟

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي نرالي، نيڪين سان ڀرپور سوچ ڏسو! * مالدار ڀلو کاڌو کائيندا آهن، ان تي کين رشڪ نه آهي، * مالدار ڪپڙا به سٺا پهريندا آهن، ان تي به کين رشڪ نه آهي، * مالدارن جا گهر بهترين آهن، ان تي به کين رشڪ نه آهي، کين  رشڪ آهي ته ان ڳالهه تي ته * هو نماز پڙهندا آهن، اسان به نماز پڙهندا آهيون، * هو تلاوت ڪندا آهن، اسان به تلاوت ڪندا آهيون، هو حديثون ٻڌندا آهن، اسان به ٻڌندا آهيون ، هو نفل پڙهندا آهن، اسان به پڙهندا آهيون، هو روزا رکندا آهن، اسان به رکندا آهيون، ايسيتائين جو معاملو برابر آهي، پر هو مالدار هجڻ سبب حج، زڪوات، صدقو ۽ خيرات جهڙيون مالي عبادتون ڪندا آهن، پر اسان مال نه هجڻ سبب اهي مالي عبادتون ناهيون ڪري سگهندا.

يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! هن جڳهه تي اچي مالدار صحابه نيڪين جي معاملي ۾ اسان کان اڳتي نڪري ويندا آهن.

    سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي اصل رشڪ ڪرڻ جو مقام...!!  ڪاش! اسان کي به اهڙو نيڪين ڀريو رشڪ نصيب ٿي وڃي. مالدارن کي ڏسي اسان جي دل به تمنا ڪري، پر ان تي نه ته هو عيش ۽ عشرت ۾ غفلت ڀري زندگي گذارين ٿا بلڪه * جڏهن مالدار حج تي ويندا آهن ته اسان جي دل به تمنا ڪري ته ڪاش! مون وٽ به مال هجي ها، مان به حج ڪيان ها، * مالدار صدقو ۽ خيرات ڪندا آهن اسان جي دل به تمّنا ڪري، ڪاش! مون وٽ به مال هجي ها، مان به صدقو ۽


 

 



[1]...سنن الکبریٰ للنسائی، جلد:9، صفحہ:65، حدیث:9902۔