Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات يعني عملن جو دارومدار نيتن تي آهي۔([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا: نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا لاءِ بيان ٻڌندس * باادب ويهندس * خوب ڌيان سان بيان ٻڌندس۔ * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکندس، پاڻ ان تي عمل ڪندس ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ترمذي شريف جيڪو حديث پاڪ جو تمام مشهور ڪتاب آهي، ان ۾ هڪ تمام پياري حديث پاڪ آهي، اڄ اسان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اُها حديث پاڪ ٻڌڻ ۽ ان مان سبق حاصل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. الله پاڪ کان دعا آهي ته رب ڪريم اسان کي * ديني ڳالهيون چڱي طرح ٻڌڻ * دل ۾ سانڍڻ * انهن تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
اچو! حديث پاڪ ٻڌون ٿا:
3 قسم کڻڻ جهڙيون ڳالهيون
صحابي رسول، حضرت ابوڪبشه اَنۡماري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: مون رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي فرمائيندي ٻڌو ته ” ٽي ڳالهيون آهن، جن تي مان قسم کڻان ٿو ۽ هڪ حديث آهي جيڪا توهان جي سامهون بيان ڪريان ٿو