Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
یاالٰہی! کر کرم عطارؔ پر حُبِّ دُنیا اس کے دل سے دور کر
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڪاش! اسان جون نيتون درست ٿي وڃن...!! حديث پاڪ ۾ آهي، صحابي رسول حضرت ابودرداء رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري اسان رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو : ”يارسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! ذَهَبَ الْاَغْنِيَاءُ بِالْاَجْرِ يعني اي الله پاڪ جا پيارا رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اهي مالدار ماڻهو (جيڪي مال ۽ دولت جي ڪثرت سان نوازيا ويا آهن) ثواب ڪمائڻ ۾ اسان کان اڳتي وڌي ويا آهن“
(اهو ڪيئن؟ عرض ڪيو ويو:) ”يَحُجُّوْنَ وَلَانَحُجُّ“ يعني اهي حج ڪن ٿا، اسان حج نه ٿا ڪري سگهون، اهي فلاڻيون فلاڻيون مالي عبادتون ڪن ٿا پر اسان مال نه هجڻ جي ڪري اهي مالي عبادتون نه ٿا ڪري سگهون.
انهن صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جو خوبصورت شوق ڏسو! حاجي حج لاءِ ويندا آهن، هي مالي طاقت نه هجڻ ڪري ناهن وڃي سگهندا ته تڙپندا رهندا آهن ته يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! هِي حج لاءِ هليا ويا، اسان رهجي وياسين..!! رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي فرمايو : ڇا مان اوهان کي اهڙو عمل نه ٻڌايان جنهن تي عمل ڪري توهان ان کان به وڌيڪ فضيلت حاصل ڪري سگھو ٿا جيڪا فضيلت انهن کي (حج ۽ ٻيون مالي عبادتون ڪرڻ سان ملندي آهي) پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهڙي فضيلت واري نيڪي ٻڌائيندي فرمايو ”هر نماز کان پوءِ 34 دفعا الله اڪبر،