Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

پهچائي ٿي.

* ٻيو غريب، جنهن کي نه علمِ دين مليو، نه مال مليو،  هي  ڇوته علمِ دين جي نعمت کان محروم آهي تنهنڪري سچي نيت کان به محروم آهي. ان جي دل ۾ جيڪي خواهشون اينديون آهن، اهي جاهل اميرن واريون اينديون آهن، هي چاهيندو آهي: ڪاش! مون  وٽ به مال هجي ها ته مان به عيش ڪيان ها، ڪلبن ۾ وڃان ها، فضول ڪم ۾ مشغول هجان ها، ۽ دنيا جا مزا ماڻيان ها فرمايائون :
هي غريب ۽ جاهل امير ٻئي بدترين درجي وارا .

عملن جو  دارومدار  نيت  تي آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! هتي نيت جي اهميت کي سمجهو! آهن ٻئي غريب، پر هڪ سٺي نيت وارو آهي، اهو مالدار عالم جيان افضل رتبي تي پهتو، ٻيو بري نيت وارو آهي،  اهو جاهل امير وانگر بدترين درجي جو حقدار بڻجي ويو. معلوم ٿيو ته نيت جي وڏي اهميت آهي. حديث پاڪ ۾ آهي اِنَّمَا ‌الْاَعْمَالُ ‌بِالنِّيَّاتِ عملن جو دارومدار نيت تي آهي. وڌيڪ فرمايائون  لِكُلِّ امْرِئٍ مَا نَوَى هر شخص لاءِ اهو ئي آهي، جنهن جي هن نيت ڪئي اهي اسلامي ڀائر، جيڪي غريب آهن، جيڪڏهن اسان پنهنجون نيتون درست ڪري وٺون ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْكَرِيم ! تمام گهڻو ثواب مفت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا.

جبل برابر سون خرچ ڪرڻ جو ثواب

روايتن ۾ آهي: گذريل زمانن ۾ هڪ ڀيرو ڏڪر پئجي ويو، مينهن وسڻ بند ٿي ويا، خشڪ سالي ٿي وئي، ماڻهو بک وِگھي تڙپڻ لڳا، اهڙين حالتن ۾ هڪ شخص ڪٿان کان گذري رهيو هو، اُن واري جو هڪ وڏو دَڙو ڏٺو، اهو ڏسي