Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

مال ۾ الله پاڪ جا ڪهڙا حق آهن؟ * رشتيدارن جا حق ڪهڙا آهن؟
* پاڙيسرين ۽ ٻين مسلمانن جا حق ڪهڙا آهن؟

هو هي سڀئي ڳالهيون ڄاڻيندو آهي، هي اُن جو علم ئي آهي جيڪو اُن کي افضل بڻائيندو آهي.

* ٻي طرف جيڪو شخص آهي اهو به مالدار آهي، پر علم کان محروم آهي    * هُو حلال ۽ حرام ۾ فرق ڪرڻ ناهي ڄاڻيندو * هن مال ته ڪمايو، پر خرچ ڪرڻ نٿو ڄاڻي * مال جي متعلق الله پاڪ جا حق ڪهڙا آهن؟ * رشتيدارن جا حق ڪهڙا آهن؟ اهي ڳالهيون ان کي معلوم ئي ناهن، جڏهن اُن کي اهي حق معلوم ئي ناهن ته انهن تي عمل به ناهي ڪندو، بس هي ئي اها شيءِ آهي، جيڪا هِن کي بدترين بڻائي ٿي.

مالدا ر  به علمِ دين حاصل ڪن

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ مان علم دين جي اهميت  کي سمجهو...!! خاص طور تي اهي تاجر ڀائر، جيڪي وڏيون ڪمپنيون هلائي رهيا آهن، فيڪٽريون هلائي رهيا آهن، وڏا وڏا ڪاروبار ڪرڻ وارا  امير ۽ مالدار اسلامي ڀائر، مان انهن جي خدمت ۾ عرض ڪندس ته علم دين سکڻ جي طرف رخ ڪيو...!! هي تمام ضروري آهي.

اسان جي معاشري ۾ هڪ وڏو تعداد اهڙن ماڻهن جو آهي جن نماز سِکي ئي ناهي بس جيئن ننڍپڻ ۾ والدين يا مسجد ۾ ماڻهن کي پڙهندي ڏٺو، تيئن ئي پڙهندا پيا اچن، اِها  ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي نماز به اسان کي سکڻي آهي، وُضو ۽ غسل جا مسئلا به اسان کي سکڻا آهن، پر مان هتي اهو عرض ڪندس ته اسان جيئن نماز ناهي سکي، دڪان هلائڻ به ته ناهي سکيو،