Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

ان کي ياد ڪري وٺو....!!

 يعني هاڻي جيڪا پياري پياري مبارڪ ڳالهه اسان ٻڌڻ وارا آهيون، اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حڪم ڏنو ته ان کي ياد ڪري وٺو...!! ظاهر آهي ڌيان سان ٻڌند تڏهن ئي ياد ڪري سگهندؤ، لهٰذا  چڱيءَ طرح توجهه سان ٻڌو ۽ ڪوشش ڪيو ته ياد به رهي۔

 پهريان اهي ٽي ڳالهيون ٻڌو جن لاءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قسم کڻي ارشاد فرمايو، پاڻ فرمايائون:

(1): مَا‌نَقَصَ ‌مَالُ ‌عَبْدٍ مِنْ صَدَقَةٍ يعني صدقو ٻانهي جي مال کي گھٽ ناهي ڪندو. (2): وَلَا ظُلِمَ عَبْدٌ مَظْلِمَةً فَصَبَرَ عَلَيْهَا إِلَّا زَادَهُ اللَّهُ عِزًّا يعني ڪنهن شخص تي ظلم ڪيو وڃي ۽ هُو ان تي صبر ڪري ته الله پاڪ ان جي عزت وڌائيندو آهي.   (3): وَلَا فَتَحَ عَبْدٌ بَابَ مَسْأَلَةٍ إِلَّا فَتَحَ اللَّهُ عَلَيْهِ بَابَ فَقْرٍ يعني ٻانهو سوال جو دروازو ناهي کوليندو پر الله پاڪ ان تي فَقر ۽ تنگدستي جو دروازو کولي ڇڏيندو آهي.

هي اُهي ٽي ڳالهيون آهن جن تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  قسم کڻي ڳالهه ڪئي، ٻيهر دهرائي وٺون ٿا ته جيئن اسان کي ياد ٿي وڃن :  (1) صدقو مال کي گھٽ ناهي ڪندو (2) مظلوم جيڪڏهن صبر ڪري ته الله پاڪ ان جي عزت وڌائي ڇڏيندو آهي (3) جيڪو شخص پنهنجي لاءِ سوال جو دروازو کوليندو آهي، الله پاڪ ان تي فقر جو دروازو کولي ڇڏيندو آهي.

دنيا چئن ماڻهن جي  آهي

هاڻي اها ڳالهه جيڪا پاڻ سڳورن صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي