Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
ان فيصلو ڪيو ته هن ڏاچي ۽ سندس ٻچي کي خدا جي راھ ۾ صدقو ڪندس. جيئن ته پنهنجي هن فيصلي کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ ان ڏاچي ۽ ٻچي کي ساڻ ڪري پنهنجي پاڙيواري جي گهر ۾ پهتو، هي پاڙيسري انتهائي غريب شخص هيو، ان جون 7 ڌيئرون هيو، اِبن جُدعان دروازو وڄايو، پاڙيسري ٻاهر نڪتو اِبن جُدعان ڏاچي جي مهار پاڙيسري جي هٿ ۾ ڏيندي چيو: ڀاءَ! هي رکو...!! هي منهنجي طرف کان تحفو آهي. پاڙيسري جو چهرو خوشي مان چمڪي پيو، يقيناً ان دل ئي دل ۾ تمام گهڻيون دعائون به ڏنيون هونديون. اِبن جُدعان ڏاچي صدقو ڪري گهر واپس آيو، ڏينهن گذرندا ويا، بهار جي موسم ختم ٿي، گرمي جي موسم اچي وئي، وڻن جا پن ڇڻي ويا، گرمي زور پڪڙڻ شروع ڪيو، صحراء ۾ پاڻي جي قلت ٿي وئي، ماڻهو پاڻي جي هڪ هڪ ڍڪ جي لاءِ ترسڻ لڳا. هن حالت ۾ هڪ ڏينهن اِبن جُدعان پنهنجي پٽن کي ساڻ وٺي پاڻي جي تلاش ۾ نڪري پيو، تمام پري ڪٿي انهن کي زمين جي تھ ۾ هڪ غار نظر آيو، اِبن جُدعا اندازو لڳايو ته ضرور هتي پاڻي هوندو، جيئن ته ان پنهنجي پٽن کي ٻاهر بيهاريو، پاڻ غار ۾ اندر لٿو، اُميد ته هئي ته پاڻي ملندو پر هتي پاڻي نه بلڪه گَپ هئي، اِبن جُدعان انهيءَ گَپ ۾ ڦاسي پيو، پٽ ٻاهر بيهي انتظار ڪري رهيا هئا ته ڪڏهن ٿو بابو اچي، جڏهن ڪافي وقت گذري ويو، اِبن جُدعان واپس نه آيو ته پٽ سمجهي ويا ته سندن والد صاحب هاڻي زنده ناهي بچيو، اهو زمين جي هيٺ غار ۾ ڪٿي ڦاسي مري ويو آهي.
پٽ آسرو لاهي واپس موٽيا، واپس اچي پيءُ جي ملڪيت جي ونڊ ورڇ ڪرڻ لڳا، انهيءَ دوران انهن کي ياد آيو ته اِبن جُدعان هڪ ڏاچي پاڙيسري کي تحفي ۾ ڏني هئي، لالچي پٽ ڏاچي واپس وٺڻ جي لاءِ پاڙيسري جي گهر پهتا، جڏهن پاڙيسري سڄو واقعو ٻڌو ته ڏاچي انهن جي حوالي ڪري پاڻ پنهنجي مُحسن جي ڳولها ۾ نڪري پيو، جڏهن اهو پاڙيسري انهيءَ غار وٽ پهتو، جتي اِبن جُدعان غائب ٿي ويو هو ته اهو پنهنجي مُحسن جي مدد جي لاءِ غار اندر لٿو،