Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
آهي : * ڪجهه ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته پئسو هجڻ گهرجي، پئسي کان سواءِ زندگي ئي ناهي. * ڪجهه مذهبي ذهن وارا ماڻهو هوندا آهن، اُهي چوندا آهن: پئسن ۾ ڇا رکيو آهي، پيسو ته هٿن جي مَرُ آهي. * ڪڏهن ڪڏهن اهو سوال به ذهن ۾ ايندو آهي ته امير وڌيڪ فضيلت وارو آهي يا غريب وڌيڪ فضيلت وارو آهي؟ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ته ڳالهه جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو، هن حديث پاڪ ۾ اهو سبق ڏنو ته نه مالدار هجڻ ۾ ڪا فضيلت آهي ۽ نه ئي غريب هجڻ ۾ ڪو فضيلت وارو آهي، ٻانهي وٽ مال هجي يا نه هجي فضيلت وارو اهو آهي جنهن جو مقصد الله پاڪ جي رضا هجي.
ڪيترائي غريب اهڙا آهن جيڪي رهندا ته جهوپڙين ۾ آهن پر خواب بادشاهن وارا ڏسندا آهن، ڪيترائي امير اهڙا هوندا آهن جيڪي رهندا ته وڏين وڏين ڪوٺين ۽ بنگلن ۾ آهن پر سندن دليون الله پاڪ جي محبت سان ڀريل هونديون آهن. تنهنڪري نه مالدار هجڻ ۾ ڪا فضيلت آهي ۽ نه ئي غريب هجڻ ۾ ڪا گهٽتائي آهي ، خوشنصيب اهو آهي جيڪو الله پاڪ جي عطا تي راضي ۽ اُن جي رضا جو طلبگار آهي۔ مسلمانن جا چوٿان خليفه، حضرت علي المرتضى، شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: ”جيڪڏهن ڪو شخص تمام روءِ زمين جو مال حاصل ڪري ۽ ان جو مقصد الله جي رضا حاصل ڪرڻ هجي ته اهو زاهد آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص سڄو مال ڇڏي ڏي پر ان جو مقصد الله جي رضا نه هجي ته اهو زاهد ناهي.[1]
جاہ و جلال دو نہ ہی مال و منال دو سوزِ بلال بس مری جھولی میں ڈال دو
دنیا کے سارے غم مرے دل سے نکال دو غم اپنا یاحبیب! برائے بلال دو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد