Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
وڪري جا احڪام بيان ڪيا ويا آهن. [1]
يعني جيڪو خريد و فروخت جا شرعي احڪام نه ٿو ڄاڻي، اهو حرام کان نٿو بچي سگهي ۽ جيڪو حرام کان نه بچي سگهي، اهو زاهد ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ معلوم ٿيو ته اصل ۾ زاهد، دنيا جي محبت کان بي رغبتي رکڻ وارو، دنيا جي محبت کان بچڻ وارو، متقي پرهيزگار اهو ئي آهي جيڪو خريد و فروخت ۾ شرعي احتياط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. بازار اصل ۾ اها جاءِ آهي، جتي دنيا ۽ مال ۽ دولت جي محبت پنهنجو اثر ڏيکاريندي آهي.
پهاڙن ۽ غارن ۾ اڪيلو ٿي عبادت ڪرڻ نسبتن آسان آهي، پر بازار ۾، جتي شيطان پنهنجي پوري لشڪر سان حملو ڪري رهيو هجي، نفسِ اماره ورغلائي رهيو هجي، مال ۽ دولت جي محبت زور پڪڙي رهي هجي، ان وقت نفس ۽ شيطان جي حملن کان بچي، ايمانداري ۽ شرعي پابندين سان زندگي گذارڻ واقعي ڏکيو آهي.
لهٰذا اصل زاهد، دُنيا کان بي رغبتي رکڻ وارو اهو ئي آهي جيڪو دنيا جي وچ ۾ رهي ڪري پنهنجي دل کي دنيا جي محبت کان بچائي وٺندو آهي.
خريد ۽ فروخت هڪ امتحان آهي
حجة الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ فرمائن ٿا: واپار هڪ امتحان آهي، جنهن جي ذريعي انسان جي دين ۽ تقوا کي آزمايو ويندو آهي، ڪنهن عربي شاعر چيو آهي :
لَایَغُرَّنَّکَ مِنَ الْمَرْءِ قَمِیْصٌ رَّقَّعَہٗ اَوْ اِزَارٌ فَوْقَ کَعْبِ السَّاقِ مِنْ رَّفْعِہٖ
اَوْ جَبِیْنٌ لَّاحَ فِیْہِ اَثْرٌ قَدْ قَلَعَہٗ وَلَدَی الدِّرْھَمِ فَانْظُرْ غَیَّہٗ اَوْ وَرْعَہٗ