Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
جي درود کان متاثر ٿي خريد ڪيو آهي، لهٰذا هيءُ سودو صحيح نه آهي.[1]
ڪيڏي گَھرائي واري ڳالهه آهي. سودو وڪڻڻ وقت يعني جڏهن اسان گراهڪ کي سامان ڏيکاري رهيا هجون ان وقت ذڪرُالله ڪرڻ، سُبحٰنَ الله! مَاشَآءَالله! وغيره چوڻ کان منع ٿيل آهي. قربان وڃجي! حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ شرعي احڪامن کي ڪيتري نه حد تائين ڄاڻندا هئا۔
هڪ ڀيرو پاڻ سفر ۾ هئا، هڪ هنڌ نماز جو وقت ٿي ويو. پاڻ گهوڙي تان لٿا، ان کي هڪ هنڌ ٻڌائون ۽ وضو ڪري نماز پڙهڻ لڳا. جڏهن سلام ڦيرايائون ته ڏٺائون ته سندن گهوڙو اتي موجود هڪ ٻنيءَ مان گاهه کائي رهيو آهي. فرمايائون: اهو کائڻ حرام آهي، لهٰذا هاڻي مان هن گهوڙي تي سوار نه ٿو ٿي سگهان، ايئن چئي پاڻ ان ٻنيءَ جي مالڪ کي ڳولهيائون ۽ جيڪو گاهه گهوڙي کاڌو هو ان جي بدلي ۾ اهو گهوڙو ان کي ڏئي ڇڏيائون ۽ پاڻ ٻيو نئون گهوڙو خريد ڪري اڳتي روانا ٿي ويا. [2]
سبحان الله! ڪيتري قدر وڏي تقوا آهي! هاڻي اهڙا عظيم ڪم ظاهر آهي اهو ئي ڪندو، جيڪو شريعت جو ايترو وڌيڪ علم رکندو هجي.
سندن والد حضرت مبارڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو واقعو آهي ته پاڻ ڪنهن باغ ۾ مزدوري ڪندا هئا ۽ ڪيترائي سال اُتي ڪم ڪيائون.
اوھان سوچي رهيا هوندا ته پٽ ايترو مالدار ۽ پيءُ وري ڪنهن باغ ۾