Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
سندس زال هڪ درهم ڏنو ۽ چيو: وڃو! کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي اچو...!! اهو 3 ڏينهن جو بکيو شخص بازار مان کاڌو وٺڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هڪ سوالي مليو. ان شخص اهو درهم سواليءَ کي ڏئي ڇڏيو ۽ خالي هٿ گهر موٽي آيو. زال کي ٻڌايو ته هڪ سوال ڪندڙ هو، مون درهم ان کي ڏئي ڇڏيو. زال به صبر واري هئي، چيائين: سٺو ڪيو. پوءِ زال کيس اون ڪٽڻ جو چرخو ڏنو ۽ چيو: وڃو! اهو وڪڻي کاڌو وٺي اچو...!! هاڻي اهو شخص چرخو وٺي بازار پهتو، ان کي وڪڻيو ۽ جيڪي پئسا مليا، انهن مان هڪ مڇي خريد ڪري گهر آيو۔ جڏهن مڇي کي ڪٽيو ويو، ته ان مان هڪ قيمتي موتي نڪتو. هن اهو موتي بازار ۾ وڪڻيو ۽ کيس تمام گهڻي رقم ملي وئي. جيڪو ڪالهه تائين تمام غريب هو، ان وٽ کائڻ لاءِ به ڪجهه نه هو اهو هڪ ڏينهن ۾ ئي مالدار ٿي ويو پوءِ هڪ ڏينهن ان وٽ هڪ سوالي آيو. مَاشَآءَ اللہ! هي شخص ايترو ته دل وارو هو جو پنهنجو اڌ مال سوال ڪندڙ اڳيان رکي ڇڏيو ۽ چيو: ”هي وٺ! منهنجو اڌ مال تو کڻي وڃ، ۽ باقي اڌ مان پاڻ وٽ رکان ٿو.“ هن جي ايڏي وڏي سخاوت ڏسي سوالي چيو ”تنهنجو مال توکي مبارڪ هجي، مان حقيقت ۾ هڪ فرشتو آهيان. اهو هڪ درهم جيڪو تو بُکيو هجڻ باوجود سوال ڪندڙ کي ڏنو هو، الله پاڪ ان جي عيوض تنهنجي لاءِ 100 قيراط اجر مقرر ڪيو. هي جيڪا دولت توکي عطا ٿي آهي، اها اُن 100 قيراط مان فقط هڪ قيراط آهي.“ [1]
پيارا اسلامي ڀائرو هتي اسان کي معلوم ٿيو ته غريبن تي توڙي جو زڪوات فرض نه آهي، ته به کين گهرجي ته جيڪو ٿي سگهي، صدقو خيرات ڪندا رهن. ڏسو! هي شخص غريب هو، 3 ڏينهن جو بکيو هو، پوءِ به هن هڪ درهم صدقو