Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

شرابي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويو

 پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جو هڪ مدني قافلو ڪَپَڙوَچ (گجرات، هند) پهتو، قافلي جا اسلامي ڀائرَ علاقائي دورو ڪرڻ جي لاءِ مسجد کان ٻاهر تشريف وٺي ويا، علاقائي دوري جي دوران هڪ شرابي کي نيڪي جي دعوت ڏني، الحمد لله! اهو شرابي مدني قافلي وارن سان مسجد جي طرف هليو، اسلامي ڀائرَ ان سان اَدب ۽ اخلاق سان پيش آيا جو اهو 6 ڏينهن تائين مدني قافلي وارن سان گڏ رهيو، علاقائي دوري جي برڪت ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جي سبب ان گناھن کان توبھ ڪئي، ڏاڙهي مبارڪ رکي، عمامي شريف جو تاج به مٿي سجائي ورتائين، ائين هڪ شرابي علاقائي دوري جي برڪت سان نيڪ نمازي بڻجي ويو.

گر آئے شرابی مٹے ہر خرابی

چڑھائے گا ایسا نشہ دینی ماحول

یقینا مقدر کا وہ ہے سکندر

جسے خیرسے مل گیا دینی ماحول

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

نماز جا وقت (Prayer Times) ايپ جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ انتهائي سهڻي موبائل ايپلي ڪيشن نماز جا وقت (Prayer Times) جي نالي سان جاري ڪئي آهي * هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪهڙي به مقام جو نمازن جو وقت ۽ قبلي جو رخ معلوم ڪري سگهجي ٿو * جماعت جي وقت موبائل کي  آٽو سائلينٽ ڪرڻ جو آپشن به موجود  آهي * ان کان علاوه قرآن