Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

سندس دل ۾ هڪ حسرت جاڳي، ان ٿڌو ساهه ڀريو: ڪاش! هي دَڙو سون جو هجي ها ۽ جيڪڏهن منهنجي ملڪيت هجي ها ته آئون سڄو سون ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيان ها.

ان جي اها سٺي نيت قبول ٿي وئي. الله پاڪ ان وقت جي نبي عليهِ السَّلام ڏانهن وحي موڪلي ته کيس چئو ته : تنهنجي سٺي ۽ سچي نيت جي بدلي ۾ توکي ايترو ئي سون صدقو ڪرڻ جو ثواب عطا ڪيو ويو آهي.[1]

سُبْحٰنَ الله!  اها آهي سٺي نيت جي برڪت...!! افسوس! هاڻي ته اسان وٽ حالت ئي بدلجي وئي آهي، مالدارن کي ڏسي اسان جي دل تمنا ڪندي آهي،
ته فلاڻو تمام گھڻو مالدار آهي، ڪاش! مون وٽ به ايترو مال هجي ها * هو عيش ڪري ٿو، مان به عيش ڪيان ها * هن جي گهر ۾ وڏي ايل سي ڊي آهي، فلم ڏسڻ ۾ وڏو مزو ايندو آهي. * مون وٽ به پئسا هجن ها، مان به ايڏي وڏي ايل سي ڊي تي فلم ڏسان ها. * هو ڊانسنگ ڪلب ويندو آهي، مون وٽ پئسا هجن ها ته آئون به وڃان ها“ * اهو اهڙا اهڙا (گناهن سان ڀرپور) ڪم ڪندو آهي * مون وٽ پئسا هجن ها ته مان به ايئن ڪيان ها. اسان وٽ ايئن دليون تمنائون ڪنديون آهن، هي خطري جي ڳالهه آهي. جڏهن ته حديث پاڪ ۾ واضح بيان ڪيو ويو آهي ته هُو مالدار، مال هجڻ سبب جيڪي گناهه ڪري رهيو آهي، هي غريب، جنهن وٽ مال به ناهي ۽ اهي گناهه ڪري به ناهي رهيو، پر پنهنجي خراب نيت جي ڪري هي ۽ اهو گنهگار مالدار، ٻئي گناهن ۾ هڪجهڙا آهن. 

دولتِ دنیا کے پیچھے تُو نہ جا                                                                                  آخِرت میں   مال کا ہے کام کیا؟

مالِ دنیا دو جہاں   میں   ہے وبال                                                             کام آئے گا نہ پیشِ ذوالجلال


 

 



[1] مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الزہد، باب ما قالوا فی البکاء...الخ، جلد:8، صفحہ:318، حدیث:159 مفصلاً۔