Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
نهايت خوبصورت رسالو ”تاجرن لاءِ ڪم جون ڳالهيون“مڪتبة المدينه کان خريد ڪيو ۽ پڙهو ! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! خريد و فروخت بابت گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو. * هڪ مشورو هي به آهي ته دارُ الافتا اهلِ سنت جو نمبر پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکو! جڏهن به ڪو مسئلو درپيش اچي يا ڪنهن خاص صورت ۾ شرعي رهنمائي وٺڻ جي ضرورت پئي ته مفتيانِ ڪرام سان رابطو ڪري رهنمائي حاصل ڪريو ! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! ڪيترن ئي گناهن کان بچي ويندؤ ۽ علمِ دين جو وڏو خزانو به حاصل ٿيندو.
دارُالافتا اهلِسنت جو نمبر: 03113993312-13
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
(2) نيت جي اهميت
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هڪ حديث پاڪ ٻڌي، جنهن ۾ رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: دنيا چئن ماڻهن لاءِ آهي، جن ۾ ٻن اميرن ۽ ٻن غريبن جو ذڪر ڪيو ويو.
* هڪ غريب متعلق فرمايو: هي به مالدار عالِم وانگر افضل رتبي وارو آهي.
* ٻئي غريب متعلق فرمايو: هي بي علم
مالدار وانگر بدترين درجي وارو آهي.
هتي به غور ڪيو! آهن ٻئي غريب، پر سندن انجام ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هڪ غريب افضل رتبي وارو آهي، جڏهن ته ٻيو غريب بدترين درجي وارو آهي، انهن ٻنهي ۾ فرق ڪهڙي شيءِ پيدا ڪري رهي آهي؟ نيت. * هڪ غريب، جنهن کي الله پاڪ مال نه ڏنو پر علمِ دين عطا ڪيو، اهو چڱائي ۽ برائي جي سڃاڻپ رکي ٿو. ان بابت فرمايو ويو: فَهُوَ صَادِقُ النِّيَّةِ يعني اهو غريب عالِم سچي نيت وارو آهي. ان جي سچي نيت ئي کيس مالدار عالِم جي درجي تي