Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

۽ قرآن و سنت تي عمل ڪرڻ جو جذبو حاصل ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو! دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الڪريم! ان جي برڪت سان دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون حاصل ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو به آهي.

 حديثِ پاڪ جو خلاصو آهي: ”جيڪي قدم الله جي راهه ۾ ميرا ٿين انهن کي جهنم جي باهه نه ڇهندي.“ ([1]) * نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ لاءِ گهر کان نڪرڻ به الله جي راهه ۾ نڪرڻ آهي. * اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ بازارن ۾ نڪري ويندا هئا * مختلف قبيلن ۾ وڃي به نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا هئا، دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول به ان پياري سنت تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. * گهر گهر، دڪان دڪان وڃي نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندا آهن * ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندا آهن * نماز پڙهڻ لاءِ ترغيب ڏيند آهن.    * اسان ان کي علاقائي دورو چوندا آهيون.

توهان به عاشقانِ رسول سان گڏجي علاقائي دورو ڪندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الڪريم! * نبين جي سنت تي عمل ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿيندي.         * نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو * حديثِ پاڪ مطابق ”نيڪي جي راهه ڏيکارڻ وارو نيڪي ڪندڙ جيان آهي“ * جيڪڏهن اسان جي نيڪي جي دعوت تي هڪ شخص به نيڪ نمازي بڻجي ويو ته يقين ڪيو! اسان جا ڀاڳ کُلي ويندا.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356۔