Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
حق ادا ناهن ڪندا، انهن جي متعلق فرمايو ويو: انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي، قيامت جي ڏينهن انهن جو اهو مال جهنم جي باهه ۾ تپايو ويندو پوءِ ان سان انهن جي پيشاني، پاسيريون ۽ پُٺيون ساڙيون وينديون.
حضرت ابوھريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته آخري نبي، مڪي مدني صل صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جيڪو شخص سون يا چاندي جو مالڪ هجي ۽ ان جو حق ادا نه ڪري، ته قيامت جي ڏينهن ان لاءِ باهه جا سنها ٽڪرا تيار ڪيا ويندا، جن تي جهنم جي باهه ڀڙڪائي ويندي، پوءِ انهن سان ان جون پاسيريون، پيشاني ۽ پٺيءَ کي داغيو ويندو۔ جڏهن اهي ٿڌا ٿيڻ لڳندا ته وري انهن کي ساڙيو ويندو۔ هي معاملو ان ڏينهن جو آهي، جنهن جي مقدار 50 هزار سالن جو ڏينهن آهي. ايسيتائين جو ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي.[1]
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو، غور ڪيو! اهو ڪيترو نه سخت عذاب آهي۔ الله پاڪ اسان کي ان کان محفوظ فرمائي۔ جيڪڏهن الله پاڪ اوهان کي مال عطا فرمايو آهي ته ان جا حق ضرور ادا ڪيو.
بنيادي طور تي مال سان لاڳاپيل ٽن قسمن جا حق آهن : (1)حقُ اللہ يعني الله پاڪ جو حق،
اهو هي آهي ته ٻانهو مال حلال ذريعي سان ڪمائي ۽ حلال ذريعي ئي سان خرچ ڪري۔(2) حقُ الفرد يعني خود مالدار جو حق، اهو هي آهي ته مال کي فضول خرچَن ۾ ضايع نه
ڪري، جتي خرچ ڪرڻ ضروري، جائز ۽ مباح هجي، اُتي خرچ ڪري ۽ ان کان سواءِ مال فضول شين ۾
نه اُڏائي۔