Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

وڪيل آهين يا مان تنهنجو وڪيل آهيان؟ جيڪو لکيو آهي، ان تي عمل ڪر! مون حديث پاڪ ٻڌي آهي ته جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي اوچتو خوشي ڏيندو آهي، الله پاڪ ان جي بخشش فرمائي ڇڏيندو آهي. ان حديث تي عمل ڪرڻ لاءِ مون چاهيو ته هن ماڻهو کي اوچتو خوشي ملي، ان لاءِ 7 هزار درهم ڏيڻ جو حڪم ڏنو. [1]

سُبْحٰنَ اللہ! هاڻي هتي به ڏسو! حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي حديثن تي ڪيتري گهري  نظر هئي. ظاهر آهي سندن علم ۾ اها حديث پاڪ هئي، تڏهن ئي ته پاڻ ان تي عمل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي.

اسان کي اهڙيون ڳالهيون معلوم ئي ڪٿي هونديون آهن؟ خير! اسان کي گهرجي ته اسان ڪمائڻ جا  احڪام به سِکون ۽ خرچ ڪرڻ جا احڪام به سکون.

خريد ۽ فروخت جا احڪام سکي وٺو

اَلْحَمْدُ لِله! * دارُ الافتاء اهلِ سنت جي موبائل ايپلي ڪيشن موجود آهي، جنهن ۾ ٻين ڪيترين ئي ديني معلومات سان گڏ هڪ مڪمل تجارت ڪورس به شامل ڪيو ويو  آهي. ان کان علاوه، خريد و فروخت جي متعلق  فتوائون پڻ موجود آهن. اها ايپلي ڪيشن پنهنجي سمارٽ فون ۾ انسٽال ڪيو! * ان کان علاوه، مدني چينل تي هڪ هفتيوار پروگرام هلندو آهي، جنهن جو نالو آهي : احڪامِ تجارت. اهو پروگرام ڏسو ۽ ٻڌو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! خريد و فروخت ۽ جديد مارڪيٽنگ بابت مفيد معلومات حاصل ٿيندي * بہارِ شريعت، جلد: 2، حصو: 11 ۾ خريد و فروخت جو بيان پڙهو! ان مان به خريد و فروخت جا ڪيترائي احڪام ۽ مسئلا سکي سگھجن ٿا * 62 صفحن تي مشتمل هڪ


 

 



[1] صفۃ الصفوۃ لابن جوزی، رقم:695، جز:4، جلد:2، صفحہ:127۔