Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
اهو پنهنجي نيت تي آهي، انهن ٻنهي(گناهن ۾ مال خرچ ڪندڙ ۽ نيت ڪندڙ) جو وبال برابر آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته ڪيو! ڪيتري نه جامع حديث شريف آهي. اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم چند مختصر جملن ۾ علم جا ڪيترا نه وڏا درياهه وهائي ڇڏيا آهن. اسان مان هرهڪ پوءِ چاهي اهو امير هجي يا غريب، عالم هجي يا جاهل، امير ٿيڻ جا خواب ڏسندو آهي يا پنهنجي غربت تي صبر ڪندو آهي، مطلب، سماج جي هر فرد لاءِ ان ۾ رهنمائي موجود آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيترو نه اعليٰ شان آهي اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو چند جملن ۾ سڀني لاءِ اهڙي رهنمائي عطا فرمائي جو دنيا ۽ آخرت لاءِ ڪافي آهي پوءِ اسان ڇونه چئون:
میں نثار تیرے کلام پر، ملی یُوں تو کس کو زباں نہیں
وہ سخن ہے جس میں سخن نہ ہو، وہ بیاں ہے جس کا بیاں نہیں([2])
وضاحت: يارسولَ الله! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مان توهان جي گفتگو تي قربان وڃان، دُنيا ۾ وڏا وڏا زبان ۽ بيان جا ماهر ٿي گذريا آهن، پر جهڙي گفتگو توهان فرمايو ٿا: اهڙي گفتگو ڪرڻ ۽ جهڙو بيان اوهان فرمايو ٿا، اهڙو بيان ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي سماج ۾ عام طور تي هڪ بحث هلندو رهندو