Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

خيرات ڪيان ها. ان حالت ۾ دل جي اهڙي تمنا ڪرڻ اِنْ شَاءَ اللهُ الْڪَرِيم! سٺو ثابت ٿيندو. ربّ رحمان جي رحمت مان اُميد آهي ته اهڙي تمنا ڪرڻ جي برڪت سان اسان کي به حج ۽ صدقي وغيره جو ثواب ملي ويندو.

الله پاڪ اسان کي سٺي نيت جي سعادت عطا فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

(3) مال جا حق ادا ڪيو

 پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  4 قسمن جي ماڻهن جو ذڪر ڪيو ۽ فرمايو:  اهو شخص جيڪو مال جا حق ڄاڻي به ٿو ۽ انهن کي ادا به ڪري ٿو، اهو سڀني کان افضل آهي.

هن مان معلوم ٿيو ته مال جا به حق آهن ۽ اهي حق اسان کي ادا ڪرڻا آهن۔ اسان کي مال ڪمائڻ جو فڪر به هوندو آهي، مال اڏائڻ جو شوق به هوندو آهي، پر ان جا حق ڪهڙا آهن؟ اهي ڪيئن ادا ڪرڻا آهن؟ ان جي پرواهه ناهي ڪئي ويندي.

ياد رکو! مال جا حق ادا نه ڪرڻ سخت ترين جرم آهي۔ الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ الَّذِیْنَ یَكْنِزُوْنَ الذَّهَبَ وَ الْفِضَّةَ وَ لَا یُنْفِقُوْنَهَا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِۙ-فَبَشِّرْهُمْ بِعَذَابٍ اَلِیْمٍۙ(۳۴)

(پارہ:10، سورۂ توبہ:34)

ترجموڪنزالعرفان: اُهي ماڻهو جيڪي سون ۽ چاندي جمع ڪري رکن ٿا ۽ الله جي راهه ۾ خرچ نه ٿا ڪن انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ

هيءَ آيتءِ ڪريمه انهن جي متعلق آهي جيڪي مال جمع ته ڪندا آهن پر ان جا