Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

ڪيئن ڪمائڻو آهي ۽ ڪيئن خرچ ڪرڻو آهي، ان جو فڪر ئي ناهي.

حلال ۽ حرام جي باري ۾ لاپرواهي

 حديث پاڪ جي مطابق هي قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني آهي، رسول پاڪ     صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: ”ماڻھن تي ھڪ زمانو اھڙو ايندو جو  انسان کي ڪا پرواھ نه ھوندي ته  اُن مال ڪٿان حاصل ڪيو، حلال مان يا حرام مان.[1]

  مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث جي شرح ۾ فرمائن ٿا: يعني آخري زماني ۾ ماڻھو دين کان بي پرواھ ٿي ويندا، پيٽ جي فڪر ۾ هر طرح سان ڦاسي ويندا، آمدني وڌائڻ ۽ مال گڏ ڪرڻ جو فڪر ڪندا، حرام ۽ حلال وٺڻ تي بي خوف ٿي ويندا، جيئن اڄڪلهه عام آهي.

اهو زمانو واقعي اچي چڪو آهي. اڄڪلهه ڪير حلال ۽ حرام جي پرواھ ڪري ٿو؟ بس مال اچڻ گهرجي، پوءِ ڀلي ڪٿان به اچي...!!

اَلْاَمَان وَالْحَفِيْظ!  الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. اسان کي نه رڳو هي سکڻ گهرجي ته مال ڪيئن ڪمائڻو آهي، پر اهو به سکڻ گهرجي ته مال ڪيئن خرچ ڪجي.

زُهد جي موضوع تي منفرد ڪتاب

امام اعظم، امام ابو حنيفہ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نهايت ئي قابل شاگرد، امام محمد بن حسن شيباني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهکان هڪ دفعي ڪنهن پڇا ڪئي: سائين! توهان زهد (يعني دنيا کان بي رغبتي) جي موضوع تي ڪو ڪتاب لکو.! پاڻ فرمايائون مان ان موضوع تي ڪتاب لکي چڪو آهيان. پڇيو ويو: اهو ڪهڙو ڪتاب آهي؟ فرمايائون: ڪتاب البيوع يعني منهنجو اهو ڪتاب جنهن ۾ خريد ۽


 

 



[1] بخاری، کتاب البیوع، باب من لم یبال من ...الخ، صفحہ:538، حدیث:2059۔