Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
ترجمو: يعني ڪنهن جي چَتِيون لڳل قميص، ڀيڏين کان مٿي شلوار، پيشاني جي چمڪ ۽ مٿي تي سجيل سجدن جو نشان توکي ڌوڪي ۾ نه وجھي، جيڪڏهن ڪنهن جي تقوا ۽ پرهيزگاري کي ڏسڻ چاهين ٿو ته درهم ۽ دينار (مثلاً مال و دولت جي ڏيتي ليتي) وقت ان جو مشاهدو ڪر (ان جي دين ۽ تقوا جي خبر پئجي ويندي)۔([1])
انهيءَ ڪري پيارا سلامي ڀائرو! جيڪڏهن متقي بڻجڻو آهي، پرهيزگار بڻجڻو آهي ته ان جي لاءِ نمازون پڙهڻ ضروري آهن، ايئن ئي خريد و فروخت جا احڪام ۽ مسئلا سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي.
اسان حضرت عبد الله بن مبارڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ سندن والد صاحب جي ڪمائڻ جو انداز ٻڌو! هاڻي ٿورو خرچ ڪرڻ جو به انداز ٻڌو!
هڪ دفعي سندن خدمت ۾ هڪ ماڻهو حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: مون تي قرض چڙهي ويو آهي. پڇيائون: ڪيترو قرض آهي؟ ان شخص وراڻيو: 700 درهم (يعني چاندي جا سڪا). پاڻ فوراً پنهنجي وڪيل (خزانچي) ڏانهن خط لکيو ۽ ان ماڻهو کي ڏئي چيائون: وڃ، منهنجي خزانچي کان وڃي رقم وٺ. اهو شخص خط کڻي وڪيل وٽ پهتو، وڪيل پڇيو: تنهنجو قرض ڪيترو آهي؟ جواب ڏنائين 700 درهم، اهو ٻڌي ڪري وڪيل ان شخص کي ويهاري ڇڏيو ۽ حضرت عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ ڏانهن پيغام موڪليو ته هن ماڻهوءَ جو قرض ته 700 درهم آهي، پر اوهان خط ۾7 هزار درهم ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فرمايو: تون منهنجو