Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
اصلاحي، فلاحي، روحاني، ڀلائي ۽ آمدني وڌائڻ جي محفوظ ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويندو. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو :
وَ مَا لَكُمْ اَلَّا تُنْفِقُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ وَ لِلّٰهِ مِیْرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِؕ- (پارہ:27، سورۂ حدید:10)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ توهان کي ڇا آهي جو توهان الله جي راهه ۾ خرچ نه ڪيو جڏهن ته آسمانن ۽ زمين جو وارث الله ئي آهي.
هن آيت جي حوالي سان تفسير صراط الجنان ۾ آهي ته ”توهان ڪهڙي سبب جي ڪري الله پاڪ جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪيو، جڏهن ته آسمانن ۽ زمين جو مالڪ صرف الله پاڪ ئي آهي؟ اهو ئي سدائين رهڻ وارو آهي، جڏهن ته توهان فنا ٿي ويندؤ ۽ توهان جا مال ان جي ئي ملڪيت ۾ رهجي ويندا ۽ توهان کي خرچ نه ڪرڻ جي صورت ۾ ثواب به نه ملندو تنهنڪري توهان جي ڀلائي ان ۾ آهي ته پنهنجو مال الله پاڪ جي راهه ۾ خرچ ڪيو ته جيئن ان جي بدلي ۾ ثواب حاصل ڪري سگهو.“ ([1])
دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم
اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم علاقائي دورو
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي بڻجڻ، ضروري ديني علم حاصل ڪرڻ،