Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
(3) حقُّ الاُمّة يعني اُمَّت جو حق. اهو هي آهي ته الله پاڪ جيڪو مال عطا ڪيو آهي، ان کي ٻين ٻانهن تي خرچ ڪيو وڃي، ان جي ذريعي والدين جي خدمت ڪئي وڃي، عزيز رشتيدارن جي مدد ڪئي وڃي، يتيمن، بيواهن ۽ مسڪينن جي سهائتا ڪئي وڃي۔ هن جي وڌيڪ تفصيل آهي جيئن زڪوات، فطرو ۽ نفلي صدقا اهي سڀئي هن ۾ شامل آهن۔
اسان کي گهرجي ته مال جا هي سڀ حق پورا پورا ادا ڪيون، مال صرف ۽ صرف حلال ذريعي سان ڪمايون، حلال واٽ ۾ ئي خرچ ڪيون، الله پاڪ جيڪو مال ڏنو آهي، ان کي ڪم ۾ آڻيون، بيڪار ڳالهين ۾ نه اڏايون ۽ اهو مال الله پاڪ جي راهه ۾ به خرچ ڪيون.
اسان شروع ۾ حديث پاڪ ٻڌي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمَ قسم کڻي فرمايو: ”صدقو ڏيڻ سان ماڻهوءَ جو مال گهٽ ناهي ٿيندو، پر اڃا وڌيڪ وڌندو رهندو آهي.“
تنهنڪري الله پاڪ جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو ذهن بڻايو. الله پاڪ قرآنِ شريف ۾ فرمائي ٿو:
مَثَلُ الَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَهُمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ اَنْۢبَتَتْ سَبْعَ سَنَابِلَ فِیْ كُلِّ سُنْۢبُلَةٍ مِّائَةُ حَبَّةٍؕ-وَ اللّٰهُ یُضٰعِفُ لِمَنْ یَّشَآءُؕ-وَ اللّٰهُ وَاسِعٌ عَلِیْمٌ(۲۶۱) (پارہ:3، سورۂ بقرہ:261)
ترجموڪنزالعرفان: انهن ماڻهن جو مثال جيڪي پنهنجو مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا اُن داڻي وانگر آهي جنهن ست سَنگَ ڪڍيا، هر سنگ ۾ 100 داڻا آهن ۽ الله ان کان به زياده وڌائي جنهن جي لاءِ چاهي ۽ الله وُسعت وارو علم وارو آهي.