Duniya 4 Logon Ki Hai

Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai

مزدوري ڪندو هو. نه...!! ائين ناهي. حقيقت ۾ حضرت عبدالله بن مبارڪ      رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيا، کين ايترو مال وراثت ۾ نه مليو هو، پر  پاڻ پنهنجي محنت سان ڪمايو هئائون. سندن والد امير ٿيڻ کان پهريان مزدوري ڪندو هو.

   هڪ ڏينهن باغ جو مالڪ اُتي آيو ۽ چيائين : ”مبارڪ! مون کي هڪ مٺو ڏاڙهون آڻي ڏي!“ حضرت مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ ڏاڙهون کڻي آيا مالڪ کائي ڏٺو ته اهو کٽو هو مالڪ غصي ۾ چيو : ”مون ته مٺو ڏاڙهون گهريو هو هي ته کٽو آهي، وڃي مٺو ڏاڙهون کڻي اچ پاڻ ٻيهر وڃي ٻئي وڻ مان ڏاڙهون پٽي آندائون پر اهو به کٽو نڪتو، مالڪ وڌيڪ غصي ۾ اچي چيو: ”ٻيو کڻي اچ “! پاڻ ٽيون ڏاڙهون آندائون پر اتفاق سان اهو به  کٽو نڪتو مالڪ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، چيائين : ”توکي  هتي ڪم ڪندي ايترو وقت ٿيو آهي پر اڃان توکي مٺي ڏارهون جي خبر ناهي پئجي سگھي پاڻ فرمايائون: جي! بيشڪ مون کي مٺي ڏارهون جي سڃاڻپ ناهي، مالڪ حيرت مان پڇيو: ”اهو وري ڪيئن؟“ پاڻ جواب ڏنائون : ”اهو ان ڪري جو مون ڪڏهن ڏاڙهون کاڌو ئي ناهي، هاڻي مالڪ جي ڪاوڙ ڪجهه حيرت ۾ تبديل ٿي وئي پڇا ڪيائين ڇو نه کاڌو اٿئي؟ پاڻ وراڻيائو: انهي ڪري جو اوهان مون کي باغ جي سنڀال لاءِ رکيو  آهي، ان جي ميوي کائڻ جي اجازت ناهي ڏني.

الله! الله! هي آهي تقوا، پرهيزگاري! غور ڪيو! ڪيتريون نه باريڪ ڳالهيون آهن. اڄڪلهه اسان وٽ اهڙين ڳالهين جو علم ڪنهن کي آهي؟ شريعت جا احڪام سکئون ئي ڪٿي ٿا جو انهن تي عمل ڪيون. ڪاش! اسان کي ڪمائڻ جو صحيح طريقو معلوم ٿي وڃي. حقيقت اها آهي ته اڄڪلهه ماڻهن جو ڌيان صرف ڪمائڻ ۽ خرچ ڪرڻ تي آهي، پر