Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
ڪيو آهي هي رسالو توهان مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان صرف 18 روپين ۾ حاصل ڪري سگھو ٿا. پاڻ به پڙهو! ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرامينِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم : (1): جيڪو واعدو پورو نه ٿو ڪري ان جو ڪو ايمان ناهي.([2]) (2): جيڪو مسلمان پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان واعدي خلافي ڪندو آهي ان تي الله پاڪ، ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي. ([3])
اي عاشقانِ رسول! واعدو پورو ڪرڻ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنت آهي، بلڪه اها سنتِ انبياء پڻ آهي. * اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم واعدي جا تمام پڪا هئا ۽ * واعدو ٽوڙڻ کي سخت ناپسند فرمائيندا هئا * اعلانِ نبوت کان اڳ