Book Name:Duniya 4 Logon Ki Hai
ارشاد فرمائي، فرمايائون: (اي منهنجا صحابه!) بيشڪ دنيا چئن ماڻهن جي آهي.“
(1) اهو ٻانهو جنهن کي الله پاڪ مال ۽ علم ٻنهي سان نوازيو آهي. اهو پنهنجي مال جي معاملي ۾ الله پاڪ کان ڊڄندو آهي، مال جي ذريعي صلهءِ رحمي به ڪندو آهي ۽ اهو به ڄاڻي ٿو ته مال جي معاملي ۾ الله پاڪ جا حق ڪهڙا آهن فَهَذَا بِاَ فْضَلِ المَنَازِلِ يعني اهو ٻانهو تمام اعلى مرتبي وارو آهي.
(2) اهو ٻانهو جنهن کي الله پاڪ علم ته عطا ڪيو پر مال عطا نه ڪيو. فَهُوَ صَادِقُ النِّيَّةِ يعني هو سچي نيت وارو آهي. تمنا ڪندو آهي ته ”ڪاش! مون وٽ به مال هجي ها ته مان به فلاڻي (مالدار عالم) وانگر عمل ڪريان ها(يعني جيئن هو نيڪ ڪم ۾ مال خرچ ڪندو آهي مان به ايئن ئي ڪيان ها فَهُوَ بِنِيَّتِهِ فَأَجْرُهُمَا سَوَاءٌ بس اهو پنهنجي نيت تي آهي انهن ٻنهي (مالدار ۽ بي مال) جو ثواب برابر آهي.
(3) اهو شخص جنهن کي الله پاڪ مال ته ڏنو آهي پر علم عطا نه فرمايو، اهو پنهنجي مال ۾ احتياط کان ڪم نه وٺندو آهي ۽ نه ئي ان معاملي ۾ الله پاڪ کان ڊڄندو آهي، نه صلهءِ رحمي ڪندو آهي ۽ نه ئي اهو ڄاڻيندو آهي ته مال جي معاملي ۾ الله پاڪ جا حق ڪهڙا آهن. فَهَذَا بِاَخْبَثِ المَنَازِلِ، يعني اهو سڀني کان بدترين مرتبي وارو آهي.
(4) اهو شخص جنهن کي الله پاڪ نه مال ڏنو ۽ نه علم عطا ڪيو اهو تمنا ڪندو آهي: ڪاش! مون وٽ مال هجي ها ته مان به فلاڻي (بي علم مالدار) وانگر فضول ۽ گناهه وارن ڪمن ۾ خرچ ڪيان ها ”فَهُوَ بِنِيَّتِهِ فَوِزْرُهُمَا سَوَاءٌ پوءِ