Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

جي لاءِ اٿي بيهن ته اهو پنهنجو ٺِڪاڻو جهنم  ۾ بڻائي وٺي. [1]

  پيارا اسلامي ڀائرو! هتي 2 ڳالهيون سکڻ جون آهن: (1): هڪ ته هيءَ آهي جو ڪو بزرگ، عاشقِ رسول عالمِ دين، پير صاحب، استاد يا ماءُ پيءُ وغيره تشريف وٺي اچن ته انهن جي تعظيم جي لاءِ اٿي بيهڻ (2): ٻيو آهي اهو شخص جنهن جي لاءِ اٿيا ، ان جو پسند ڪرڻ ته ماڻهو منهنجي لاءِ اٿي بيهن.

* پهرين ڳالھ يعني بزرگن جي لاءِ تعظيماً اٿي بيهڻ جائز بلڪ ثواب جو ڪم آهي * ٻئي ڳالھ يعني پنهنجي تعظيم پسند ڪرڻ، ان ۾ خودپسندي آهي، تنهنڪري هي منع آهي.

پنهنجي سردار جي لاءِ اٿي بيهو!

صحابيءِ رسول حضرت سعد رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ هي پنهنجي قبيلي جا سردار هئا، بخاري شريف ۾ آهي: هڪ ڀيري هي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي رهيا هئا، اڃان پهتا نه هئا، ٿوري ئي فاصلي تي هئا، پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جن صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي فرمايو:  قُومُوْا ‌اِ لٰى ‌سَيِّدِكُمْ  يعني پنهنجي سردار جي لاءِ اٿي بيهو...!![2]

هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   هتي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي 2 حڪم ڏنا!              (1): حضرت سعد رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي تعظيم جي لاءِ اٿي بيهو! (2): ٻيو هي ته انهن جو اڳتي وڌي ڪري استقبال ڪيو!

خبر پئي، جڏهن بزرگ تشريف وٺي اچن، ڪا نيڪ هستي هجن، پير صاحب، عالِم صاحب هجن، استادِ محترم هجن، انهن کي ايندي ڏسي ڪري اٿي بيهڻ به مُستحب آهي ۽ اڳتي وڌي ڪري انهن جو استقبال ڪرڻ به مُستحب (يعني ثواب جو ڪم) آهي.


 

 



[1] ابو داود، کتاب الادب، باب فی قیام الرجل للرجل، صفحہ:814، حدیث:5229 ۔

[2] بخاری، کتاب الجہاد، باب اذا نزل عدو علی حکم رجل، صفحہ:780، حدیث:3043۔