Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
آهي، جيڪو رات جي پوئين پَهر چمڪندو آهي ۽ نهايت روشن ۽ چمڪدار هوندو آهي، ان تاري کي معاويه چوندا آهن،[1] اُن معنيٰ جي لحاظ سان نهايت روشن ۽ چمڪدار ڪردار وارو جيڪو ماڻهو هجي ان کي معاويه چونداسين.
پيارا اسلامي ڀائرو! لغت ۾ لفظِ معاويه جي هڪ ٻئي خوبصورت معنيٰ آهي، ماڻهو ڪنهن شخص جي غيبت ڪري رهيا هجن، پرپُٺ بُرايون ڪري رهيا هجن، هي ٻڌي ڪري هڪ ماڻهو کي غيرت اچي، ڏک ٿئي ته منهنجي مسلمان ڀاءَ جي بُرائي ڪئي پئي وڃي، جيئن ته اهو انهن غيبت ڪرڻ وارن کي ٽوڪي، پنهنجي مسلمان ڀاءَ جي لاءِ آڙ بڻجي وڃي، اهڙي شخص کي معاويه چوندا آهن.[2]
هن مان خبر پئي، حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اهي هستي آهن جو صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي لاءِ آڙ بڻجي ويا آهن. عُلماءِ ڪرام لکيو آهي ته حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ آڙ آهن، هڪ پردو آهن، جيڪو ان پردي کي چيريندو آهي، يعني حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي گستاخي ڪندو آهي، اهو هتي بس ناهي ڪندو، بلڪ اڳتي وڌندو ويندو آهي، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي گستاخين تي دلير ٿي ويندو آهي، جڏهن صحابه جو گستاخ بڻجي ويندو آهي ته دنيا و آخرت ۾ تباھ و برباد ٿي ويندو آهي.[3]
الله پاڪ اسان کي گستاخين کان ۽ گستاخن کان محفوظ رکي...!!
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! معاويه ڪنهن کي چوندا آهن؟ غيبت کان روڪڻ واري کي. ان ۾ اسان جي لاءِ سبق آهي، اسان کي گهرجي ته غيبتن کان روڪيندا ڪيون.