Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

جي لاءِ ويندو آهي الله پاڪ ان کي 75 هزار ملائڪن جي ذريعي ڇانوَ فرمائيندو آهي، اهي ملائڪَ ان جي لاءِ دعا ڪندا آهن ۽ اهو فارغ ٿيڻ تائين رحمت ۾ ٻڏل رهندو آهي ۽ جڏهن اهو هن ڪم کان فارغ ٿي ويندو آهي ته الله پاڪ ان جي لاءِ هڪ حج ۽ هڪ عُمري جو ثواب لکندو آهي.[1]

 الله پاڪ اسان کي به ٻين جون حاجتون پوريون ڪرڻ جي ۽ ٻانهن جي ڪم اچڻ جي توفيق نصيب فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  

شيطان نماز جي لاءِ جاڳايو

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ نماز سان تمام گهڻي محبت فرمائيندا هئا، ان متعلق هڪ خوبصورت واقعو ٻڌندا! حضرت علامه جلالُ الدّين رومي رحمةُ اللهِ عَلَيْه مثنوي شريف ۾ بيان فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي گهر ۾ داخل ٿي ڪري  ڪنهن نمازِ فجر جي لاءِ جاڳايو ته پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پڇيو: تون ڪير آهين؟ ڇا جي لاءِ تو مون کي جاڳايو آهي؟ ته ان جواب ڏنو: مان شيطان آهيان. پاڻ حيران ٿي ڪري پڇيائون: تنهنجو ڪم ته انسان کان گناھ ڪرائڻ آهي ۽ تو مونکي نماز جي لاءِ جاڳائي ڪري مون کي نيڪ عمل ڪرڻ جو موقعو ڏنو، ان جو ڇا سبب آهي؟ ته شيطان حيلا بهانا ڪري ڳالھ ٽارڻ لڳو، پر پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ان کي پڪڙي رکيو آخرڪار ان مردود ٻڌايو ته مون کي خبر آهي جيڪڏهن سمهڻ ۾ اوهان جي نمازِ فجر قضا ٿي وڃي ها ته اوهان خوفِ خدا ۾ ايتري قدر لڙڪ وهايو ها ۽ ايتري قدر ڪثرت سان توبھ ۽ استغفار ڪيو ها جو خدا جي رحمت کي اوهان جي بيقراري ۽ روئڻ تي رحم اچي وڃي ها ۽ هو اوهان جي قضا نماز قبول فرمائي ڪري ادا نماز کان هزار ڀيرا وڌيڪ اجر ۽ ثواب عطا فرمائي ڇڏي ها ڇوته مون کي خدا جي نيڪ ٻانهن کان بغض ۽ حسد آهي ان ڪري مون اوهان کي جاڳائي ڇڏيو ته جيئن اوهان کي ڪجھ وڌيڪ ثواب نه ملي سگهي.[2]


 

 



[1]...((اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط لِلطّبَرانی ج۳ص۲۲۲حدیث۴۳۹۶)۔

[2]... مثنوی مع شرح بحرالعلوم، دفتر دوم ، بیدار کردن ابلیس معاویۃ را۔۔الخ، ۲ / ۳۲۸تا۳۴۵ مفھوماً۔