Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
ڪرام کيس خَالُ الْمُسْلِمِیْن (يعني مسلمانن جا ماما) چوندا آهن.
* سندن نالو پاڪ: معاويه * ڪنيت: ابو عبدُ الرحمٰن ۽ * جڏهن ته ناصرُ الدين (يعني دين جا مددگار)، ناصرُ الحق (يعني حق جا مددگار) سندن لقبَ آهن * حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پياري آَقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اعلانِ نبوت فرمائڻ کان 5 سال پهريان مڪي شريف ۾ پيدا ٿيا، سندن قد مبارڪ ڊگهو هو، رنگت اڇي ۽ خوبصورت، شخصيت رُعبدار هئي، مٿي ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ميندي لڳائيندا هئا، نهايت حلم وارا، بُردبار، باوقار، مالدار، ماڻهن ۾ سردار، ڪرم فرمائڻ وارا ۽ انصاف قائم ڪرڻ وارا هئا، علامه حُسين بن محمد دِيار بَڪۡري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ رعب ۽ دٻدٻي وارا، دور انديش، بهادر، سخي ۽ بُردبار بادشاھ هئا، حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جن صلحِ حُديبيه جي ڏينهن يعني 6 هجري ۾ اسلام قبول ڪيو.[1]
پياري آقا صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري عادت
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪڏهن ڪڏهن لفظِ معاويه جي معنيٰ جي متعلق شيطان وسوسو ڏياريندو آهي ته ان جي معنيٰ چڱي ناهي. ان حوالي سان هڪ قاعدو ياد رکندا! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادت مبارڪ هئي ته ڪنهن نالي جي معنيٰ بُري هوندي هئي ته ان کي فوراً تبديل ڪري ڇڏيندا هئا، مثال طور * حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو نالو پهريان عبد شمس هو، پر پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي تبديل ڪري عبدالرحمان رکيو،[2] * هڪ صحابي جو نالو مُنۡذِر (ڊيڄارڻ وارو) هو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تبديل ڪري اَشۡجَع (بهادر) نالو رکيو. * هڪ صحابي جو نالو زَحۡم (رڪاوٽ وجهڻ وارو) هو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تبديل ڪري بَشير (خوشخبري ٻڌائڻ وارو) رکيو.[3] * هڪ صحابي جو نالو بَغِيۡض (قابلِ