Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

هي به آهي سندن  ۾ عمل جو جذبو تمام گهڻو هو، ڪا قرآن جي آيت، حديثِ پاڪ ٻڌي وٺندا هئا ته ان تي فوراً عمل ڪرڻ جي ڪوشش فرمائيندا هئا. حضرت عمرو بن مُرّه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: مون حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کي روايت بيان ڪئي ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جن ارشاد فرمايو: جيڪو پنهنجي رعايا جي حاجت پوري ڪري ۽ انهن کان محتاجي ۽ تنگدستي دور ڪري ته الله پاڪ ان تي تنگدستي ۽ محتاجي جا دروازا بند فرمائي ڇڏيندو. حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ هي فرمانِ عاليشان ٻڌندي ئي هڪ شخص  کي ماڻهن جون حاجتون ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ مقرر فرمائي ڇڏيو.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته پيارو انداز آهي، هيڏانهن حديثِ پاڪ ٻڌائون، هوڏانهن ان تي عمل ڪري ورتائون. اسان جو انداز هي هوندو آهي ته ڪا عملي ڳالھ ٻڌون ته ذهن بڻجندو آهي: ها! ڪيڏي پياري ڳالھ آهي، فلاڻي فلاڻي کي ٻڌائيندُس. هيءَ به چڱي ڳالھ آهي، نيڪي جي ڳالھ ٻين کي ٻڌائڻ گهرجي ان کان پهريان عمل ڪرڻو هوندو آهي، يعني نيڪي جي ڳالھ ٻڌي ته پهريان پاڻ ا  تي عمل ڪيون، پوءِ ٻين کي ٻڌايون. افسوس! اسان جي عمل واري انداز جو جذبو گهٽ ٿيندو پيو وڃي.

نيڪ ماڻهن جي هڪ عادت

   الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو انداز آهي ته هي جڏهن به نيڪي جي ڳالھ ٻڌندا هئا، ان جو اثر فوراً وٺندا هئا. هڪ ڀيري حضرت مالڪ بن مَغُول رحمةُ اللهِ عَلَيْه کي ڪنهن چيو: اِتَّقِ اللہ! الله کان ڊڄو...!!سندن عاجزي ڪندي فوراً پنهنجو ڳِل زمين تي رکي ڇڏيو.[2]

هڪ غير مسلم هو، جنهن کي ڪا حاجت هئي. هو پنهنجي حاجت کڻي خليفي هارون الرشيد جي درٻار ۾ ويندو هو، پر گهڻي انتظار باوجود نه سندس ڳالهه


 

 



[1]... ترمذی،کتاب الاحکام،باب ماجاء فی امام الرعیۃ،۳ / ۶۴،حدیث:۱۳۳۷)۔

[2] در منثور ،پارہ:2، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:206، جلد:1، صفحہ:575۔