Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

الله اڪبر! جُتي جي ڪَهي ته پري جي ڳالھ  اسان وٽ  ته هرهر ڳالھ ۾ مقابلو ڪيو ويندو آهي، * منهنجا جوتا اهڙا هجن جو ماڻهو ڏسي ڪري واھ واھ ڪن، * منهنجا ڪپڙا اعليٰ هجن، منهنجي گهر جهڙو گهر ڪنهن جو به نه هجي، * منهنجي گاڏي جهڙي گاڏي ڪنهن جي به نه هجي، مطلب ته: هر شيءِ ۾ مقابلو (Competition) ڪيو ويندو آهي ۽ ان مقابلي مان مقصد ڇا هوندو آهي؟ حُبِ جاھ، شهرت، عزت ته ماڻهو مونکي ڏسن، منهنجون شيون ڏسن ته واھ واھ ڪن.

عاجزي اختيار ڪيو!

    پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي عاجزي اختيار ڪرڻ گهرجي. پنهنجي دل مان پروٽوڪول جي طلب ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: هڪ ڀيري پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   تشريف وٺي آيا ته صحابهءِ ڪرام        رَضِیَ اللهُ عَنْهُم تعظيم جي لاءِ اٿي بيٺا، ان تي فرمايائون: ائين اٿي نه بيهندا ڪيو جيئن عجمي اٿي بيهندا آهن جو انهن جا  بعض، بعض جي تعظيم ڪندا آهن.[1]

  هن حديثِ پاڪ جي تشريح ۾ مُفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هن حديث ۾ قيام کان منع ڪيو ويو آهي، ان جي هڪ صورت هيءَ آهي ته انسان خودپسندي ڪندو هجي ته ماڻهو منهنجي لاءِ اٿي بيهن، جيڪڏهن ڪو اٿي نه بيهي ته ان کي بُرو لڳي، هي ناجائز آهي.

 الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي. ڪاش! عزت جي طلب، پروٽوڪول جي حسرت، شهرت ۽ نالي ٿيڻ جي طلب نڪري وڃي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  

یہی تجھ کو دُھن ہے رہوں سب سے بالا ہو زینت نرالی ہو فیشن نرالا

جیا کرتا ہے کیا یونہی مرنے والا  تجھے حسن ظاہر نے دھوکے میں ڈالا


 

 



[1]...(سنن أبي داود، کتاب الادب، الحدیث ۵۲۳۰، ج۴،ص۴۵۸) ۔