Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
فاطمہ اور علی! جنّتی! جنّتی! ہیں حسن حسین بھی! جنّتی! جنّتی!
والدینِ نبی! جنّتی! جنّتی! ہر زوجۂ نبی! جنّتی! جنّتی!
اور ابو سُفیان بھی! جنّتی! جنّتی! ہیں مُعَاوِیہ بھی! جنّتی! جنّتی!([1])
معاويه مان تو مان آهيان، تون مون مان آهين
هڪ روايت ۾ آهي: حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي فرمايو: معاويه! مان تومان آهيان ۽ تون مون مان آهين، پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن 2 آڱرين کي ملائي ڪري فرمايو: جنّت جي دروازي تي تون مون سان گڏ هيئن هوندين.[2]
کاتِبِ وحیِ خُدا ہیں اِذْن سے سرکار کے اور قطعی جنّتی بھی ہیں بفرمانِ رسول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پنهنجي تعظيم پسند نه فرمائيندا هئا
هڪ ڀيري حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ حضرت عبدُ الله بن عامر ۽ حضرت عبدُ الله بن زبير وٽ تشريف وٺي آيا،
اسان وٽ به ائين ٿيندو آهي ته ڪو بزرگ تشريف وٺي اچي ته اسان تعظيم ڪندي اٿي بيهندا آهيون، جيئن ته حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي ايندي ڏسي ڪري حضرت عبدُ الله بن عامر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اٿي بيٺا. ان تي حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جن عاجزي ڪندي فرمايو: ويهي رهو! بيشڪ مون رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو: جيڪو شخص هن ڳالھ کي پسند ڪري ته ماڻهو ان جي تعظيم