Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال
پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا ۽ ان جي عيش و عشرت کان جان ڇڏرائڻ، زُهد و تقوا جي نعمت ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪم به خوب ذوق ۽ شوق سان ڪندا ڪيو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم نيڪ اعمال مان روزانو جائزو وٺڻ به آهي.
* نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: عقل مند اهو آهي جيڪو پنهنجو محاسبو ۽ مرڻ کان بعد جي لاءِ عَمل ڪري[1] پنهنجي اصلاح ڪرڻ ۽ پاڻ کي شيطان کان بچائڻ جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسان پنهنجون عبادتون، پنهنجا ڪردار ۽ پنهنجي اعمال جو جائزو وٺندا ڪيون. موجوده دور ۾ اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجو جائزو وٺڻ جو آسان طريقو ڏنو آهي: نيڪ اعمال رسالو. * وڏي عُمر وارن اسلامي ڀائرن جي لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيا آهن. * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن، * روزانو سوال پڙهي ڪري پنهنجو جائزو وٺڻو هوندو آهي ۽ خانا ڀرڻا هوندا آهن * درست اسلامي زندگي گذارڻ جو هي بهترين نسخو آهي. * هن جي ذريعي ڪيئي ماڻهن جي اصلاح ٿي چڪي آهي.
اوهان به هي رسالو خريد ڪيو! نيڪ اعمال جي مطابق روزانو جائزو وٺو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ فائدا ٿيندا * اخلاق چڱا ٿيندا * ڪردار سٺو ٿيندو * عادتون بهتر ٿينديون * نيڪين تي استقامت ملندي * گناھن کان نفرت ٿيندي دل روشن ٿيندي * محبتِ الاهي نصيب ٿيندي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * روحانيت ملندي ۽* فڪرِ آخرت نصيب ٿيندي.