Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

مرد اها ئي جائز واري منڊي پائي مرد کي گهرجي ته منڊي جو نگينو (ٻُڙو) تري واري پاسي ۽ عورت منڊي جو نگينو هٿ جي پٺ جي طرف رکي. چانديءَ جو ڇلو خاص ڪري عورتن جو لباس آهي مردن کي مڪروھِ (تحريمي، ناجائز ۽ گناھ آهي) عورتون سون چاندي جون جيتريون چاهين منڊيون ۽ ڇلا پائي سگهن ٿيون، ان ۾ وزن ۽ نگيني جي ڪا قيد ناهي لوھ جي منڊي تي چاندي جو پاڻي چاڙهي ڇڏيو جو لوھ بلڪل به نظر نه ايندو هجي، ان منڊي جي پائڻ جي (مردن ۽ عورتن ڪنهن کي به) ممانعت ناهي.[1]

سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

اُلفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا    چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو

گر مدینے کا غم چاہئے چَشمِ نَم لینے یہ نعمتیں قافلے میں چلو([2])

   الله پاڪ اسان کي عَمل جي توفيق عطا فرمائي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ  6  درود شريف ۽  2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود


 

 



[1]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:57-58ملتقطاً۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:669۔