Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي عمل مبارڪ مان ملڻ وارو ٻيو سبق: هيءَ خواهش ڪرڻ ته ماڻهو منهنجي لاءِ اٿي بيهن، هيءَ بُري ڳالھ آهي، ان ۾ خودپسندي آهي، ماڻهو پاڻ کي سمجهندو آهي ته مان ايترو وڏو آهيان جو ماڻهو منهنجي تعظيم ڪن. اسان وٽ ائين ٿيندو آهي جو * تعظيم جي خواهش ڪئي ويندي آهي * پروٽوڪول گهريو ويندو آهي * شادي وغيره جي تقريب ۾ ڪنهن کي چڱي مسند تي نه ويهاريون، ته انهن کي بُرو لڳندو آهي * ڪنهن کي تعارف ڪرائڻ وقت چار لقبَ نه لڳايون ته ماڻهن کي بُرو لڳندو آهي * اٿي ڪري استقبال نه ڪيون ته انهن کي بُرو لڳندو آهي * نالو وٺي ڪري دعا نه گهرون ته دل بُري ٿي ويندي آهي.
هي جيڪي تمام انداز آهن، هي حبِ جاھ وارا آهن، خودپسندي وارا آهن، آخرت ۾ ڦاسائڻ وارا آهن. سيپارو: 20، سورت قصص، آيت: 83 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
تِلْکَ الدَّارُ الْاٰخِرَۃُ نَجْعَلُہَا لِلَّذِیْنَ لَا یُرِیْدُوْنَ عُلُوًّا فِی الْاَرْضِ وَ لَا فَسَادًا
(سيپارو: 20، سورت قصص، آيت: 83)
ترجمو ڪنزالعرفان: اهو آخرت جو اسان انهن ماڻهن جي لاءِ بڻائيندا آهيون جيڪي زمين ۾ وڏائي ۽ فساد ناهن چاهيندا،
يعني آخرت جو گهر جنّت ان جي لاءِ آهي جيڪو دنيا ۾ غلبو ۽ وڏائي ناهي چاهيندو، نه گناھ ڪري زمين ۾ فساد پکيڙيندو آهي.[1] مسلمانن جا چوٿان خليفه اميرُ المؤمنين حضرت عليُّ المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: جيڪو ٻانهو هي گهري ته منهنجي جُتي جي ڪَهي ٻين جي ڪهِي کان افضل هجي، ته اهو به هن آيت جي حڪم ۾ داخل آهي.[2]