Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
اهڙيءَ طرح تمام مشهور روايت آهي، پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شهزادي صاحبه حضرت فاطمةُ الزهرا رَضِیَ اللهُ عَنْهَا پنهنجي بابا سائين رحمتِ دوجهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿينديون هيون ته پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جي لاءِ اٿي بيهندا هئا.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي نوازش آهي...!! 70 هزار ملائڪَ صبح جو، 70 هزار ملائڪَ شام جو جن جي درٻارِ عالي وقار ۾ هٿ ٻڌي ڪري بيهندا آهن، سلام پيش ڪندا آهن، اهي امامُ الانبيا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي شهزادي کي عزت سان نوازڻ جي لاءِ اٿي بيهندا هئا. سُبْحٰنَ اللہ! ڌيئرن سان محبت هجي ته اهڙي هجي...!!
سيّده فاطمةُ الزهرا رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جو به اهو ئي انداز هو، پيارا نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي ايندا هئا ته سيده فاطمه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا تعظيماً اٿي بيهنديون هيون، هٿ مبارڪ چمنديون ۽ ادب سان گڏ ويهارينديون هيون.[2]
ڇا ته نرالو پيار آهي...!! والد هجڻ جي حيثيت سان محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو انداز مبارڪ ۽ ڌيءُ هجڻ جي حيثيت سان سيده فاطمه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جو انداز اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي. خير! ان مان خبر پئي، بزرگن جي لاءِ تعظيماً اٿي بيهڻ چڱو عمل آهي، ان ۾ ادب آهي ۽ ادب دين جو بنياد آهي. منقول آهي: لَادِیْنَ لِمَنْ لَّا اَدَبَ لَہٗ جنهن وٽ ادب ناهي، ان جو ڪو دين ناهي. جيڪڏهن اسان بزرگن جي تعظيم جي لاءِ اٿي بيهندا ڪيون ۽ ان ۾ چڱيون نيتون ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب ملندو.