Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
افسوس! اسان جي معاشري ۾ غيبت تمام عام آهي * گهر ۾ غيبت * دڪان تي غيبت * آفيسز ۾ غيبت * بازار ۾ غيبت * ايستائين جو هاڻي مسجدن ۾ به غيبتون ٿيڻ لڳيون آهن. ان جو سبب ڄاڻيو ٿا ڇا آهي؟ غيبت کي ٻڌڻ وارا وڌي ويا، تنهنڪري غيبت ڪرڻ وارن کي دليري ملي وئي. اسان کي گهرجي ته اسان غيبت ٻڌڻ بند ڪيون. ياد رکو! غيبت ڪرڻ به حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي،[1] ائين ئي غيبت ٻڌڻ به گناھِ ڪبيره آهي،[2] تنهنڪري هي عادت بڻايو ته اوهان جي موجودگي ۾ ڪنهن مسلمان ڀاءَ جي غيبت ڪئي ويندي هجي ته حڪمتِ عملي سان، پيار محبت سان ان کي روڪيو، جيڪڏهن روڪي نٿا سگهو ته اتان اٿي هليا وڃو. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو مسلمانن جي مدد ڪرڻ اهڙي جڳھ ڇڏي ڏيندو آهي جتي ان جي بي عزتي ٿي رهي هجي ته الله پاڪ ان شخص جي مدد به اهڙي جڳھ ناهي فرمائيندو جتي اهو مدد جو طلبگار هوندو آهي، ۽ جيڪو ڪنهن مسلمان جي اهڙي جڳھ مدد ڪندو آهي جتي ان جي بي عزتي ٿي رهي هجي ته الله پاڪ ان (مددگار) جي اهڙي جڳھ مدد فرمائيندو آهي جتي اهو مدد ۽ نصرت جو طلبگار هوندو آهي.[3]
الله ۽ رسول معاويه سان محبت ڪندا آهن
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ نهايت شان وارا صحابي آهن. تاريخ مدينه دمشق ۾ آهي، هڪ ڏينهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُمُّ المؤمنين حضرت اُمِّ حبيبه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا وٽ تشريف وٺي آيا، ان وقت حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به اتي موجود هئا ۽ سندن پياري ڀيڻ يعني اُمُّ المؤمنين حضرت اُمِّ حبيبه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا انهن جي مٿي ۾ ڪنگهي ڪري رهيون هيون، ڀيڻ ڀاءَ جو هي پيار ڀريو انداز ڏسي ڪري الله پاڪ جي پياري نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اي اُمِّ حبيبه! ڇا توهان معاويه سان محبت ڪيو ٿيون؟ عرض ڪيائين: هي منهنجا ڀاءَ آهن، ڀلا هنن سان