Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf

ڇا توهان ڄاڻيو ٿا ته قيامت جي ڏينهن عرش اِلٰهي جي ڇانوَ ڏانهن جلدي وڌڻ وارو ڪير هوندو؟ صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم عرض ڪيو: الله ۽ رسول خوب ڄاڻين ٿا. فرمايائون: اهي ماڻهو ته جڏهن حق ڏنا وڃن ته ان کي قبول ڪري وٺن. [1]

مشهور مُفسرِ قرآن مُفتي احمد يار خان نعيمي رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هن جي هڪ معنيٰ هي آهي ته اهي ماڻهو جو جڏهن انهن کي ڪير حق ڳالھ ٻڌائي ته ان کي قبول ڪري وٺن ۽ ٻڌائڻ واري جو احسان مڃين، ان کي قبول ڪرڻ ۾ شرم محسوس نه ڪن، اهي ماڻهو عرشِ الٰهي جي ڇانوَ ۾ جلدي پهچي ويندا.[2]

امت جي خيرخواهي جو جذبو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان روايت ٻڌي، حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کي حديثِ پاڪ ٻڌائي وئي ته جيڪو پنهنجي رعايا کان محتاجي دور ڪري، الله پاڪ ان تي محتاجي جا دروازا بند فرمائي ڇڏيندو آهي. پاڻ حديثِ پاڪ ٻڌندي ئي ان تي عمل ڪيو ۽ ماڻهن جون حاجتون معلوم ڪرڻ جي لاءِ هڪ شخص مقرر فرمائي ڇڏيو.

هن مان خبر پئي ٿي ته حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي اندر خيرخواهي جو تمام گهڻو جذبو هو. پاڻ ماڻهن جي مدد فرمائڻ وارا، انهن جون حاجتون پوريون ڪرڻ وارا، محتاجن ۽ تنگدستن جي ڪم اچڻ وارا هئا.

امت جي خيرخواهي جو جذبو

حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جن ابو جَيش نالي هڪ شخص کي صرف ان ڪري مُتَعين ڪري رکيو هو ته اهو ماڻهن وٽ وڃي ۽ دريافت ڪري ته اڄ ڪنهن وٽ ٻار جي ولادت ته ناهي ٿي؟ يا ڪو  مهمان ته ناهي آيو؟ ته جيئن بيتُ المال مان وظيفو جاري ڪرڻ جي لاءِ ان جو نالو لکيو وڃي.[3] حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ


 

 



[1] قرطبی،پارہ:2،سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:206، جز:3، جلد:2، صفحہ:15۔

[2] مراۃ المناجیح، جلد:3، صفحہ:365 ملخصاً۔

[3]...( البدایۃ و النھایۃ، سنۃ ستین من الھجرۃ النبویۃ، و ھذہ ترجمۃ معاویۃ۔۔۔الخ،۵ / ۶۳۸)۔