Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
محبت ڇونه هوندي؟ مالڪِ جنّت، صاحبِ ڪوثر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله ۽ رسول به معاويه سان محبت ڪن ٿا.[1]
هڪ ٻيءَ روايت ۾ آهي: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي اُمِّ حبيبه! معاويه سان محبت ڪيو! بيشڪ مان به معاويه سان محبت ڪندو آهيان ۽ مان ان شخص سان به محبت ڪندو آهيان جيڪو معاويه سان محبت رکندو آهي، جبريل به معاويه سان محبت ڪندا آهن ، ميڪائيل به معاويه سان محبت ڪندا آهن ۽ اي اُمِّ حبيبه! جبرائيل ۽ ميڪائيل عَـلَيْهِمَا الـسَّلَام جي محبت کان وڌيڪ الله پاڪ به انهن سان محبت فرمائيندو آهي.[2]
معاویہ کے پیار سے ہمارا بیڑا پار ہے گناہ بخشوائے گی شفاعتِ معاویہ
جو عاشقِ رسول ہیں وہ ان سے پیار کرتے ہیں فقط منافقوں کو ہے عداوتِ معاویہ
حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي، غيب ڄاڻيندڙ نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: هاڻي توهان وٽ هڪ جنّتي شخص ايندو. ان وقت حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ حاضر ٿيا، ٻئي ڏينهن وري ارشاد فرمايائون: هاڻي توهان وٽ هڪ جنّتي شخص ايندو، ان ڏينهن به حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ حاضر ٿيا، ٽئين ڏينهن وري ارشاد فرمايائون: هاڻي توهان وٽ هڪ جنّتي شخص ايندو. (سبحان الله!) ٽئين ڏينهن به حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ئي حاضر ٿيا.[3]
ہر صحابیِ نبی! جنّتی! جنّتی! سب صحابیات بھی! جنّتی! جنّتی!
چار یارانِ نبی! جنّتی! جنّتی! حضرت صدیق بھی! جنّتی! جنّتی!
اور عمر فاروق بھی! جنّتی! جنّتی! عثمان غنی! جنّتی! جنّتی!