Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
ٿيندا آهن * تڪبر * غرور * خود پسندي * بدمعاشي دنيا پرستي وغيره وغيره کوڙ ساريون بُرايون ان وقت جنم وٺنديون آهن، جڏهن ماڻهو قبر کي ويساريندا آهن ۽ قبر کي ويسارڻ جو وڏو سبب نفساني خواهشون آهن. هاڻي غور فرمايو! هن شعر ۾ ڪيڏي مهارت سان ڪجھ لفظن ۾ ڪيتري پياري نصيحت ڪئي وئي آهي ته
یَمُوْتُ الْصَالِحُوْنَ وَ اَنْتَ حَیٌّ تَخَطَّاكَ الْمَنَایَا لَا تَمُوْتُ([1])
ترجمو: يعني نيڪ ماڻهو دنيا مان هليا ويا، تون اڃان زندھ آهين، توکي خواهشن ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو، ڄڻ توکي ڪڏهن مرڻو ئي ناهي.
ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته هي نصيحت ڀريو شعر ڪنهن جو آهي..؟ ٿورن لفظن ۾ ايڏي پياري نصيحت ڪهڙي هستي جي آهي؟ هي شعر صحابي ابن صحابي، اسلام جا پهريان بادشاھ، ڪاتبِ وحي، خَالُ الْمُسْلِمِیْن (يعني مسلمانن جي مامي) حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! هن شعر جي روشني ۾ حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي علمي قابليت ۽ فڪرِ آخرت جو سبق ملي ٿو. الله پاڪ اسان کي هن پياري نصيحت تي عمل ڪندي نفساني خواهشن کان بچڻ ۽ موت کي هميشه ويجهو سمجهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جن بُلند رتبي وارا صحابيءِ رسول آهن، پاڻ خود به صحابي آهن، سندن والد صاحب حضرت ابوسفيان رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به صحابي آهن ۽ سندن ڀيڻ حضرت اُمِّ حبيبه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به صحابيه به آهن ۽ اسان مسلمانن جي امڙ سائڻ يعني محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زوجه به آهن.
ڇوته حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اسان جي امڙ سائڻ جا ڀاءُ آهن، ان ڪري عُلماءِ