Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس* بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ نصيحت ڀريو شعر (۽ ان) جو ترجمو ٻڌندا!
یَمُوْتُ الْصَالِحُوْنَ وَ اَنْتَ حَیٌّ تَخَطَّاكَ الْمَنَایَا لَا تَمُوْتُ([2])
ترجمو: يعني نيڪ ماڻهو دنيا تان هليا ويا، تون اڃان زندھ آهين، توکي خواهشن ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو، ڄڻ توکي ڪڏهن مرڻو ئي ناهي.
مطلب هي آهي ته نيڪ ماڻهو ته دنيا ۾ آيا، نيڪيون ڪري، الله کي راضي ڪرڻ وارن ڪمن ۾ زندگي گذاري رخصت ٿي ويا، تون اڃان تائين زندھ آهين، توکي ڪرڻ ته ايئن گهرجي ته تون انهن جي نقشِ قدم تي هلين، نيڪ ماڻهن جو رستو اپنائين...!! پر افسوس! توکي خواهشن قابو ڪري ورتو آهي، تون تمنائن ۾ ائين گم ٿي ويو آهين جو مرڻ ويساري ڇڏيو ٿئي، توکي قبر ۾ لهڻ، اتان جي تياري ڪرڻ جو ڪو فڪر ئي ناهي.
ڪيتري نصيحت ڀري ڳالھ آهي، اسان جو اصل مسئلو ئي اسان جون خواهشون آهن * انهن خواهشن جي ڪري ئي ماڻهو قبر کي ويساريندو آهي *خواهشن جي ڪري ئي نمازو قضا ٿينديون آهن * انهيءَ جي سبب گناهن جا بازار گرم