Book Name:Ameer Muawiya ke Aala Ausaf
يعني هڪ پاسي منهنجو حلم آهي، ٻئي پاسي ڪنهن جي بُرائي آهي، هاڻي ڪنهن جي بُرائي جي سامهون منهنجو حلم گهٽ ٿي وڃي، منهنجي قوتِ برداشت جواب ڏئي وڃي، هي مون کي بلڪل پسند ناهي. اسان کي گهرجي ته هر هڪ سان حُسنِ سلوڪ سان پيش اچون.
هڪ ڀيري هڪ صحابي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! اسلام جي چڱائي ڇا آهي؟ فرمايائون: حُسنِ اخلاق. اهي صحابي ڦري ڪري ساڄي پاسي کان وري اچي ويا، وري پڇيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! اسلام جي چڱائي ڇا آهي؟ فرمايائون: حُسنِ اخلاق. هاڻي اهي صحابي ڦري ڪري دل واري پاسي آيا، وري به اهو ئي سوال پڇيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! اسلام جي چڱائي ڇا آهي؟ وري فرمايائون: حسنِ اخلاق. هاڻي اهي صحابي چوٿون ڀيرو پٺيان کان آيا، وري پڇيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! اسلام جي چڱائي ڇا آهي؟ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم چوٿون ڀيرو به اهو ئي جواب ڏنو، فرمايائون: حُسْنُ الخُلُقِ، هُوَ اَنْ لَاتَغْضَبَ اِن اسْتَطَعْتَ يعني اسلام جي چڱائي حسنِ اخلاق آهي ۽ اها هيءَ آهي ته جيڪڏهن ممڪن هجي تون ڪاوڙ نه ڪندو ڪر...!! [1]
سُبْحٰنَ اللہ! هي حسنِ اخلاق جي فضيلت آهي. اسان کي گهرجي ته چڱا اخلاق اپنايون، سڀني سان چڱي اخلاق سان پيش ايندا ڪيون.
میرے اخلاق اچھے ہوں میرا کردار ستھرا ہو بنا دو مجھ کو تم پابندِ سنّت یا رسولَ اللہ!
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي اوصافن مان هڪ وصف